اسلام آباد– 20 – جون (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ نيشنل پريس ڪلب جي صدر اظهر جتوئي جي والد جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير سوڳوار خاندان سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪندي چيو ته اظهر جتوئي جي والد جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو، والدين قدرت جو عظيم عطيو ۽ نعمت آهن، والد جو لاڏاڻو ڪنهن وڏي سانحي کان گهٽ نه آهي. هن چيو ته اظهر جتوئي جو والد هن فاني دنيا مان رخصت ٿيو جنهن تي اظهر جتوئي جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ الفردوس ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.