اسلام آباد– 20 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ۽ پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن نيشنل پريس ڪلب جي صدر اظهر جتوئي جي والد جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري ۽ پي آءِ او سوڳوار خاندان سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري چيو ته اظهر جتوئي جي والد جي مغفرت ۽ درجن جي بلندي لاءِ دعاڳو آهيون. پي آءِ او چيو ته مرحوم جي لاڏاڻي سان پيدا ٿيندڙ خال ڪڏهن به ڀرجي نه سگهندو. اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري ۽ پرنسپل انفارميشن آفيسر مرحوم جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.