جميڪا_20جون (اي پي پي) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي انتظام هيٺ آءِ سي سي مينز ٽي – 20 ورلڊ ڪپ جي سپر-8 مرحلي ۾ ٻن ميچن جو فيصل جمعي تي ٿيندو. پهرين ميچ گروپ ون جي ٽيمن آسٽريليا ۽ بنگلاديش وچ ۾ سر ويوين رچرڊ اسٽيڊيم نارٿ سانڊ انٽيگا ۾ کيڏي ويندي. ٻي ميچ ۾ گروپ ٽو جي ٽيمن دفاعي چيمپئن انگلينڊ ۽ ڏکڻ آفريقا وچ ۾ مقابلو ٿيندو. اها ورلڊ ڪپ جي 45 هين ميچ هوندي جيڪا ڊيرن سيمي نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم، روس آئيليٽ، سينٽ لوشيا ۾ کيڏي ويندي. ميگا ايونٽ ۾ 20 ٽيمون ٽائٽل حاصل ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ لٿيون هيون. ايونٽ جو سيمي فائنل ميچ 27 جون ۽ فائنل ميچ 29 جون تي کيڏيو ويندو.