اسلام آباد – 16 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي لاءِ اڻٿڪ خدمتن جي اعتراف ۾ چار پاڪستاني شخصيتن کي هلال امتياز (سول) سان نوازڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڪابينا ڊويزن جي پڌرائي موجب اهي ايوارڊ 23 مارچ 2024ع تي پاڪستان ڏهاڙي جي سالياني تقريب ۾ ڏنا ويندا. صدر ناصر محمود کوسا، جاويد اسلم، فواد حسن فواد ۽ ڊاڪٽر عثمان انور کي انهن پاران عوامي خدمتن جي اعتراف ۾ هلال امتياز سان نوازيو آهي.