اسلام آباد – 16 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان اڳوڻي صوبائي وزير ۽ بلوچ قبائلي اڳواڻ نواب چنگيز خان مري ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ نواب چنگيز خان مري انوارالحق ڪاڪڙ کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم نواب چنگيز خان مري جا ٿورا مڃيا.