اسلام آباد – 16 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي لاڳاپيل شعبن ۾ بهترين ڪارڪردگي ۽ شجاعت جو مظاهرو ڪندڙ وڌيڪ 9 پاڪستانين کي پاڪستان سول ايوارڊز ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڪابينا ڊويزن پاران جاري پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اهي ايوارڊز 23 مارچ 2024ع تي پاڪستان ڏهاڙي جي موقعي تي ڏنا ويندا. سماجي خدمتن ۽ فلاحي ڪمن تي واحد مسڪاتيه، سعيد الله والا ۽ آمنه غني کي ستاره امتياز جڏهن ته سماجي ۽ عوامي خدمت ۽ انسان دوستي تي زاهد سعيد، ڊاڪٽر ضياءَ خان، سليم رزاق طباني، حسن سيد، راحيل احمد صديقي ۽ حلينا اقبال سعيد کي تمغه امتياز ڏنو ويندو.