قاهره_16 آگسٽ(اي پي پي) اردن جي بادشاه 02 مصر ، اردن ۽ فلسطين وچ ۾ ٽه ڌري سربراهي اجلاس کان اڳ مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ فلسطين جي حوالي سان اڳڀرائي تي ڳالهيون ڪيون، ميڊيا رپورٽن موجب مصر جي صدارتي ايون جي ترجمان احمد فهمي ٻڌايو ته مصري صدر ۽ اردن جي بادشاه مختلف معاملن جي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ لڳاپن تي اطيمنان جو اظهار ڪيو آهي، هن ٻه طرفا ۽ عراق سان ٽه ڌري سهڪار جي فريم ورڪ هيٺ خاص ڪري اقتصادي ۽ واپاري سطح تي لڳاپن کي هٿي وٺرائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو جنهن سان ٻنهي ملڪن ۽ انهن جي عوام کي فائدو پهچي، ٻنهي اڳواڻن فلسطين مسئلي بابت اڳڀرائي جو پڻ جائزو ورتو ۽ فلسطيني جي منصفاڻي ۽ جامع حل لاءِ فلسطيني ڀائرن کي مڪمل سهڪار فراهم ڪرڻ ۽ امن عمل جي بحالي لاءِ ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو، شاه عبدالله ٻه ٽي ڌرئي سربراه اجلاس جي ميزباني ڪرڻ تي مصر جو شڪريو ادا ڪيو.