اسلام آباد – 08 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ورڪنگ جرنلسٽس ۽ فنڪارن جي لاءِ هيلٿ ڪارڊ جاري ڪرڻ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن جي تڪميل آهي. هو صحافين ۽ فنڪارن جي لاءِ هيلٿ ڪارڊ ۽ قانون واري وزارت پاران پاڪستان ڪوڊ، ڊيجيٽل ريپازٽري آف فيڊرل لاز موبائيل ايپليڪيشن ۽ ويب پورٽل جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي. تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، قانون واري وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، وزيراعظم جي معيشت ۽ توانائي واري ڪوآرڊينيٽر بلال اظهر ڪياني، قومي اسيمبلي ميمبر مهناز عزيز سميت اطلاعات واري سيڪريٽري، پرنسپل انفارميشن آفيسر ۽ صحافين ۽ فنڪارن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ اهم ۽ تاريخي ڏينهن آهي، جڏهن وزيراعظم جي هدايت تي ورڪنگ جرنلسٽس ۽ فنڪارن جي لاءِ هيلٿ ڪارڊ جاري ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته هڪ هفتو اڳ اطلاعات واري وزارت ۽ اسٽيٽ لائيف جي وچ ۾ هيلٿ انشورنس جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحن واري تقريب ٿي هئي. جنهن ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف به شريڪ ٿيو. اڄ ان هيلٿ انشورنس کي باضابطا طور تي جاري ڪيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جو بحيثيت اپوزيشن ليڊر جو ويزن هو، اڄ ان تي عملدرآمد ڪيو پيو وڃي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته قانون واري وزارت سمورن فيڊرل قانونن کي ايپليڪيشن ۽ ويب پورٽ جي صورت ۾ پاڪستان جي عوام لاءِ تيار ڪيو آهي جنهن تي قانون واري وزارت کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا. اطلاعات واري وفاقي وزير صحافين ۽ فنڪارن جي لاءِ هيلٿ ڪارڊ جي فراهمي ۾ بهترين ڪوششن تي اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري ۽ پرنسپل انفارميشن آفيسر جا ٿورا مڃيا.