اسلام آباد – 08 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ميجر طفيل محمد شهيد (نشان حيدر) کي شهادت جي ڏهاڙي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته هن پنهنجي شجاعت ۽ بهادري سان ملڪ جي حفاظت ۽ فرض سرانجام ڏيڻ جي لازوال داستان قائم ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ميجر طفيل شهيد ملڪ جي حفاظت خاطر پنهنجي جان جي به پرواهه نه ڪئي، سڄي پاڪستاني قوم ميجر طفيل شهيد جي ان قرباني تي کيس خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. هن چيو ته پاڪستاني قوم پنهنجي شهيدن جون قربانيون ڪڏهن به ناهي وساريندي. پاڪستاني قوم کي ملڪ جي سلامتي جي پنهنجي رت سان آبياري ڪندڙ شهيدن ۽ انهن جي گهرڀاتين تي فخر آهي.