اسلام آباد – 08 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پيشيواراڻي ذميوارين جي ادائيگي دوران زندگي جي بازي هارائيندڙ صحافين جي لاءِ خصوصي فنڊ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي جنهن تحت اهڙي ڪنهن به حادثي ۾ فوت ٿيندڙ صحافي جي پونئيرن کي 40 لک رپيا ادا ڪيا ويندا جڏهن ته وزيراعظم صحافين جي لاءِ پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هيلٿ ڪارڊ پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحافين، فنڪارن جي لاءِ هيلٿ ڪارڊ، پاڪستان ڪوڊ، ڊيجيٽل ريپازٽري آف فيڊرل لاز موبائيل ايپ ۽ ويب سائيٽ جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پڻ خطاب ڪيو جڏهن ته قانون وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي سيڪريٽري سهيل علي خان، صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي قيادت پڻ موجود هئي. وزيراعظم چيو ته مرض زندگي جو حصو آهن. هيلٿ ڪارڊ جاري ڪرڻ تي سڀني کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. ان جي لاءِ مريم اورنگزيب، اطلاعات واري سيڪريٽري ۽ ان جي ٽيم جا خاص طور تي ٿورا مڃون ٿا. انهن هڪ وڏي ذميواري ادا ڪئي آهي. اهو صحافت جي ميدان ۾ هڪ انقلابي قدم آهي. ورڪنگ جرنلسٽ پنهنجي فرضن جي ادائيگي ڪيترن ئي چئلينجز ۽ خطرن کي منهن ڏيندي ڪن ٿا. پاڪستان کي ڊيجيٽل ريپازٽري آف فيڊرل لاز، موبائيل ايپ ۽ ويب سائيٽ جاري ڪرڻ تي قانون واري وزير ۽ ان جي ٽيم کي پڻ مبارڪباد پيش ڪريون ٿا، ان سان هاڻي قوم ۽ پوري دنيا کي قانونن تائين پهچ حاصل ٿيندي. سمورن قانونن ۽ آئيني شقن سان فوري طور تي مدد حاصل ڪري سگهجي ٿي. اهو پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آهي. وزيراعظم چيو ته اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سان مشاورت سان فيصلو ڪيو آهي اهي صحافي جيڪي فرضن جي ادائيگي دوران پنهنجي حياتي وڃائي ويهن ٿا انهن جي لاءِ خصوصي فنڊ قائم ڪيو پيو وڃي. اهڙي حادثي جو شڪار ٿيندڙ صحافي جي گهرڀاتين کي 40 لک رپين جي رقم وزيراعظم فنڊ مان ادا ڪئي ويندي. جيتوڻيڪ اها رقم اڄ جي حالتن ۾ ڪا وڌيڪ نه آهي پر اها شروعات آهي، جڏهن پاڪستان کي وڌيڪ وسيلا دستياب ٿيندا ته ان ۾اضافو ٿيندو. هن چيو ته آئون پنجاب جو وڏو وزير هئس ان وقت جيڪي پوليس اهلڪار يا آفيسر پنهنجي فرضن جي ادائيگي دوران جانين جا نذرانا پيش ڪندا هئا انهن کي اڳ ۾ 30 لک رپيا ڏنا ويندا هئا ۽ بعد ۾ ان کي وڌائي 5 ڪروڙ تائين پهچايو ويو. وزيراعظم چيو ته خوشحال ٿيندو ته صحافين جي لاءِ به ان فنڊ ۾ اضافو ڪنداسين. هن چيو ته صحافي پنهنجي فرضن جي ادائيگي ۾ وڏي محنت سان ڪم ڪن ٿا. بطور وزيراعظم مون کي 16 مهينا ٿي چڪا آهن ان دوران مختلف ڪالم نگارن تنقيد به ڪئي هوندي پر مون اڄ تائين ان کي برو ناهي سمجهيو، اها توهان جي ذميواري آهي تنقيد حقيقتن تي ٻڌل هجڻ گهرجي، ان سان رهنمائي ۽ مدد ملي ٿي ۽ جيڪڏهن اها تنقيد حقيقتن جي ابتڙ هجي ته ان سان بگاڙ پيدا ٿئي ٿو.