اسلام آباد – 08 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد ۾ صحافين، ميڊيا ورڪرز، فنڪارن ۽ ٽيڪنيڪل ريسورس جي لاءِ هيلٿ انشورنس ڪارڊ جاري ڪرڻ ۽ فراهمي ۽ پاڪستان ڪوڊ ڊيجيٽل ريپازٽري آف فيڊرل لاز، موبائيل ايپ ۽ ويب سائيٽ جاري ڪري ڇڏي. وزيراعظم محمد شهباز شريف، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان گڏ ان ايپ جو افتتاح ڪيو. صحافين، فنڪارن، ميڊيا ورڪرز ۽ ٽيڪنيڪل ريسورس جي لاءِ هيلٿ ڪارڊ جاري ڪيو. پي ايف يو جي جي صدر افضل بٽ ۽ پي ايف يو جي دستور جي صدر حاجي نواز رضا کي وزيراعظم پاران هيلٿ ڪارڊ ڏنو ويو. هيلٿ انشورنس ڪارڊ تحت سڄي ملڪ ۾ 12 اسپتالن ۾ ساليانو 15 لک رپين جي ڪارپوريٽ هيلٿ انشورنس سان صحافي، ميڊيا ورڪرز، فنڪار ۽ ٽيڪنيڪل ريسورس عالمي معيار جي صحت جون سهولتون مفت حاصل ڪري سگهندا. پاڪستان ڪوڊ ويب سائيٽ ۽ موبائيل ايپ سان جج، وڪيل، قانوني ماهر، قانون جا شاگرد، حڪومتي اهلڪار ۽ عام عوام هر قسم جي وفاقي قانون تائين آساني سان پهچ حاصل ڪري سگهندا.