اسلام آباد – 08 – آگسٽ (اي پي پي) ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو صحافين، ميڊيا ورڪرز، فنڪارن ۽ فلمي صنعت جي فني ماهرن جي لاءِ هيلٿ انشورنس ڪارڊ جاري ڪرڻ ۽ فرضن جي ادائيگي دوران فوت ٿيندڙ صحافين جي لاءِ خصوصي فنڊ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. صحافين، ميڊيا ورڪرز، فنڪارن ۽ ٽيڪنيڪل ريسورس جي لاءِ هيلٿ انشورنس ڪارڊ جاري ڪرڻ جي تقريب ٿي جنهن ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، وزيراعظم جي معيشت ۽ توانائي واري ڪوآرڊينيٽر بلال اظهر ڪياني سميت اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري سهيل علي خان، قانون واري وفاقي سيڪريٽري، پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن، صحافين ۽ فنڪارن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف هيلٿ انشورنس ڪارڊ کي انقلابي قدم قرار ڏيندي چيو ته ورڪنگ جرنلسٽس پنهنجا فرض سرانجام ڏيڻ ۾ ڪيترن ئي چئلينجز ۽ خطرن کي منهن ڏين ٿا. هن ان اهم ڪوشش تي اطلاعات واري وفاقي وزير ۽ سندس ٽيم کي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم محمد شهباز شريف فرضن جي ادائيگي دوران پنهنجي حياتي وڃائيندڙ صحافين جي لاءِ خصوصي فنڊ قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ان فنڊ تحت صحافي جي گهرڀاتين کي 40 لک رپيا ڏنا ويندا. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ اهم ۽ تاريخي ڏينهن آهي جڏهن وزيراعظم جي هدايت تي ورڪنگ جرنلسٽس ۽ فنڪارن جي لاءِ هيلٿ ڪارڊ جاري ڪيو پيو وڃي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جو مخالف ڌر اڳواڻ جي حيثيت ۾ جيڪو ويزن هو، اڄ ان تي عملدرآمد ڪيو پيو وڃي. واضح رهي ته هڪ هفتو اڳ اطلاعات واري وزارت ۽ اسٽيٽ لائيف انشورنس جي وچ ۾ هيلٿ انشورنس جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحن واري تقريب ٿي هئي جنهن ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف پڻ شريڪ ٿيو هو، هاڻ اها هيلٿ انشورنس باضابطا جاري ڪئي وئي آهي. تقريب ۾ وزيراعظم صحافين ۽ فنڪارن ۾ هيلٿ ڪارڊز ورهايا. هيلٿ انشورنس ڪارڊ تحت 15 لک رپين جي ڪارپوريٽ هيلٿ انشورنس جي سهولت حاصل هوندي، صحافي، ميڊيا ورڪرز، فنڪار ۽ ٽيڪنيڪل ريسورس سڄي ملڪ ۾ 1200 اسپتالن مان عالمي معيار جي صحت جون سهولتون مفت حاصل ڪري سگهندا.