اسلام آباد – 08 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ اڱاري ڏينهن اسلام آباد ۾ صحافين، ميڊيا ورڪرز، فنڪارن ۽ ٽيڪينيڪل ريسورس جي لاءِ هيلٿ انشورنس ڪارڊ جاري ڪرڻ ۽ فراهمي ۽ ”پاڪستان ڪوڊ، ڊيجيٽل ريپازٽري آف فيڊرل لاز“ موبائيل ايپ ۽ ويب سائيٽ جاري ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هيلٿ انشورنس ڪارڊ تحت سڄي ملڪ ۾ 12 اسپتالن ۾ ساليانو 15 لک رپين جي ڪارپوريٽ هيلٿ انشورنس سان صحافي، ميڊيا ورڪرز، فنڪار ۽ ٽيڪنيڪل ريسورس عالمي معيار جي صحت جون سهولتون مفت حاصل ڪري سگهندا. پاڪستان ڪوڊ ويب سائيٽ ۽ موبائيل ايپ سان جج، وڪيل، قانوني ماهر، قانون جا شاگرد، حڪومتي اهلڪار ۽ عام عوام هر قسم جي وفاقي قانون تائين آساني سان پهچ حاصل ڪري سگهندا، وزيراعظم تقريب کي خطاب پڻ ڪندو.