اسلام آباد – 19 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نيپال جي وزيراعظم شير بهادر ديوبا کي ايوان مان اعتماد جو ووٽ وٺڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان نيپال سان پنهنجي ويجهي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو خواهشمند آهي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي نيپال سال گڏجي ڪم ڪندو رهندو.