اسلام آباد – 19 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ ڪشميري مسلمانن جي نسل ڪشيءَ ۾ ملوث آهي، هندوتوا جي نسل پرستاڻي ڀارتي نظريي سان خطي جي امن کي سخت خطرا آهن، عالمي برادري والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن ۽ نسل پرستي تي ٻڌل پاليسي جو نوٽيس وٺندي گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشميرين کي خودمختياري جو حق ڏيڻ جو واعدو پورو ڪري. هو آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر سردار مسعود خان سان ڳالهائي رهيو هو جنهن هتي ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر چيو ته ڀارت غيرقانوني والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ ڪشميري مسلمانن جي نسل ڪشيءَ ۾ ملوث آهي، ڀارت ڪشمير ۾ غيرڪشميرين کي ڊوميسائيل ڏئي ۽ ڪشميرين جي نسل ڪشيءَ سان ڪشمير جو آبادي ڍانچو تبديل ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ڀارت جي هندوتوا جي نسل پرستاڻي نظريي سان خطي جي امن کي سخت خطرا آهن، مودي سرڪار معصوم ڪشميرين جي خلاف ظالماڻي حربن سان آزادي جي جذبي کي دٻائي نه ٿي سگهي. صدر عارف علوي عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها والاريل ڪشمير ۾ مسلمانن جي خلاف ڀارتي ظلمن ۽ نسل پرستي تي ٻڌل پاليسي جو نوٽيس وٺندي گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جو واعدو پورو ڪري. صدر چيو ته پاڪستان ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل جي لاءِ ڪشميري عوام جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.