اسلام آباد – 17 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ لاڳاپن کي تعاون جي ولولا انگيز شروعات قرار ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي قومن جي وچ ۾ رابطن کي هٿي ملندي. بخارا ۾ ازبڪستان جي ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته هي لاڳاپن جي ولولا انگيز شروعات آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ عوامي رابطن ۾ اضافو ٿيندو ۽ واپار ۽ سياسي لاڳاپن کي فروغ ملندو. وزيراعظم چيو ته ازبڪستان ۽ ڏکڻ ايشيا جي وچ ۾ تاريخي رابطا آهن ڇو ته امير تيمور جي نسل خطي تي 300 سالن تائين حڪومت ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان، ازبڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ريل منصوبي سان خطي جي عوام جي وچ ۾ رابطا وڌندا ۽ ترقي جو عمل تيز ٿيندو. وزيراعظم ان کان اڳ پنهنجي وفد سان گڏ ناليواري نقش بنديه سلسلي جي صوفي بزرگ حضرت بهاءُ الدين نقشبند جي مزار تي حاضري ڀري ۽ فاتحه پڙهي. وزيراعظم جي وفد ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، گهرو وزير شيخ رشيد احمد، ميري ٽائيم افيئرز وارو وزير علي حيدر زيدي، قومي سلامتي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ خيبرپختونخواهه جو انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو وزير عاطف خان شامل هئا. وزيراعظم 15 ۽ 16 جولاءِ تي ازبڪستان جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪيو ۽ تاشقند ۾ وچ ۽ ڏکڻ ايشيا جي ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم ازبڪستان جي قيادت ۽ ٻين شخصيتن سان ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم ثمرقند ۽ بخارا جو دورو پڻ ڪيو جتي هن عظيم صوفي بزرگن ۽ مسلمان اسڪالرن جي مزارن تي حاضري ڀري ۽ فاتحه خواني ڪئي.