اسلام آباد – 17 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته 15 هين صدي جي شروعات تي دنيا جي عظيم شهرن ۾ شامل ثمرقند جي دوري سان انتهائي خوشگوار تجربو حاصل ٿيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته 15 هين صدي جي شروعات تي ثمرقند جو ڳاڻيٽو دنيا جي عظيم شهرن ۾ ٿيندو هو. هن چيو ته ان موقعي تي مون تاريخي شهر ۾ موجود امير تيمور ۽ امام بخاري جي مزارن جو دورو ڪيو آهي. هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ثمرقند جي تاريخي ۽ مذهبي جاين جون تصويرون پڻ شيئر ڪيون.