تاشقند – 16 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڀارتي ميڊيا کي منهن ٽوڙ جواب ڏيندي چيو آهي ته ڀارت سان لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ ۾ آر ايس ايس جو نظريو سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي. وزيراعظم”سينٽرل اينڊ سائوٿ ايشيا ريجنل ڪنيڪٽيوٽي، چئلينجز ۽ موقعا“ جي موضوع تي ڪانفرنس ۾ شرڪت کانپوءِ جڏهن روانو ٿي رهيو هو ته ڀارتي صحافي وزيراعظم عمران خان کان پڇيو ته ڇا ڳالهيون ۽ دهشتگردي گڏ گڏ هلي سگهن ٿا؟ جنهن جي جواب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان ڀارت کي اهو باور ڪرائڻ چاهيون ٿا ته اچو ۽ مهذب پاڙيسرين وانگر رهون پر ان حوالي سان ڀارت جي جواب جو ڪافي عرصي کان انتظار آهي. هن چيو ته اسان ائين چاهيون ٿا پر ڀارت سان حالتن کي معمول تي آڻڻ ۾ آر ايس ايس جو نظريو سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي. وزيراعظم جو جواب ڀارتي صحافي کي لاجواب ڪري ڇڏيو.