اسلام آباد – 16 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته سڄي ملڪ جي 4 هزار 900 کان وڌيڪ يوٽيلٽي اسٽورز تي نظرثاني ٿيل قيمتن جي باوجود عوام کي سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ گيهه، کنڊ ۽ اٽو مارڪيٽ جي ڀيٽ ۾ 15 کان 18 سيڪڙو گهٽ قيمت تي دستياب آهي، مسلم ليگ (ن) جي آخري سال 18 – 2017ع ۾ يوٽيلٽي اسٽورز جي سبسڊي 850 ملين جڏهن ته اسان جي 2021ع ۾ يوٽيلٽي اسٽورز جي لاءِ سبسڊي اٽڪل 25 ارب رپيا آهي، جنوري 2020ع کان جون 2021ع تائين يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن کي اٽڪل 30 ارب جي سبسڊي ڏني وئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته حڪومت پيڙهيل طبقن تي قيمتن جو بار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ٽارگيٽيڊ سبسڊي آڻي رهي آهي. هن چيو ته اين آر ٽي سي 4 هزار يوٽيلٽي اسٽورز جي ڪمپيوٽرائزيشن ڪري رهيو آهي ته جيئن شفافيت سان سبسڊي حقدار تائين پهچائي سگهجي. هن چيو ته گڏيل قومن جي فوڊ اينڊ ايگرڪلچر آرگنائيزيشن موجب سڄي دنيا ۾ مجموعي طور تي مهانگائي 40 سيڪڙو ۽ کاڄرو تيل جي قيمتن ۾ 124 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته نڊ جو ايڪس مل ريٽ 70 رپيا جڏهن ته مارڪيٽ ريٽ 88.24 رپيا مقرر ڪيو ويو آهي.