تاشقند – 16 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته شاهراهه ريشم جي بحالي سان ڏکڻ ايشيائي، وچ ايشيا ۽ يورپ کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ هڪ سان وڏو واپاري نيٽ ورڪ قائم ٿيندو، وزيراعظم عمران خان ۽ ازبڪستان جي صدر جو ويزن آهي ته اسان کي روڊ نيٽ ورڪ سان گڏوگڏ ٽرين نيٽ ورڪ تي پڻ ڪم ڪرڻ گهرجي. صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته علائقائي رابطا ڪانفرنس ۾ 60 کان وڌيڪ ملڪن شرڪت ڪئي. وزيراعظم عمران خان سميت ازبڪستان ۽ افغانستان جي صدرن کانسواءِ 20 ملڪن جا پرڏيهي وزير ان ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيا. هن چيو ته ڪانفرنس جو بنيادي موضوع علائقائي رابطن کي مضبوط بڻائڻ آهي. ڪانفرنس ۾ شاهراهه ريشم جي بحالي تي پڻ غور ٿيو. هن چيو ته ماضي ۾ شاهراهه ريشم ذريعي واپاري سرگرميون سرانجام ڏنيون وينديون، اهو رستو ڏکڻ ايشيا سان ڪابل رستي ۽ تاشقند تائين وڃي ٿو. هن چيو ته سلڪ روڊ جي بحالي سان ڏکڻ ايشيائي، وچ ايشيا ۽ يورپ کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ سان هڪ وڏو واپاري نيٽ ورڪ قائم ٿيندو.