APP79-130721 ISLAMABAD: July 13 - President Dr. Arif Alvi addressing the inauguration ceremony of Mango Festival held at Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 13 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته فصلن جي پيداوار وڌائي غذائي تحفظ يقيني بڻائڻ سان گڏوگڏ مهانگائي تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو، انبن جي ويليو ايڊيشن ۽ نئين منڊين جي ڳولا ڪري وڏو پرڏيهي ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو، مختلف قدمن سان پاڪستاني انب کي سڄي دنيا ۾ متعارف ڪرائي سگهجي ٿو، عوام کي اپيل آهي ته عيد جي موقعي تي ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد يقيني بڻائي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ مينگو فيسٽيول جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف عليو چيو ته پاڪستان ۾ دنيا جو بهترين نهري نظام موجود آهي. ملڪي زراعت کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ٺوس ڪوششن جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڪپهه تي جيتن جو حملو روڪي پيداوار وڌائي سگهجي ٿي. دنيا ۾ هن وقت فصلن جي ٻيڻ تي ۽ ٽيڻ تي پيداوار حاصل ڪئي پئي وڃي. اسان کي دنيا جي تجربن مان فائدو کڻي پنهنجي فصلن جي پيداوار وڌائڻ گهرجي. هن چيو ته ماضي ۾ پنجاب جي آبادگارن آمريڪي زراعت جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته خوردونوش جي قيمتن کي مستحڪم رکڻ اهم آهي. ملڪي پيداوار وڌائي مهانگائي جو خاتمو ڪري سگهجي ٿي. هن چيو ته مينگو فيسٽيول ۾ ملتان، حيدرآباد، سکر، جهنگ، شڪارپور، خيرپور ۽ اسلام آباد جي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز شريڪ آهن. هن چيو ته پاڪستاني انب جو ذائقو سڄي دنيا ۾ مقبول آهي. ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني انب جو فخر سان ذڪر ڪيو وڃي ٿو ۽ دوستن کي تحفي طور پيش ڪيو وڇي ٿو. ٻاهرئين ملڪ دوستن کي انب موڪلڻ جو مقصد پاڪستاني انب کي متعارف ڪرائڻ آهي. مختلف قدمن سان پاڪستاني انب کي سڄي دنيا ۾ متعارف ڪرائي سگهجي ٿو. گذريل سال 17 ملڪن ۾ انب متعارف ڪرائڻ جي لاءِ ان جو تحفو موڪليو ويو، هلندڙ سال 37 ملڪن ۾ انب متعارف ڪرائڻ جي لاءِ انب جو تحفو موڪلي رهيا آهيون. صدر چيو ته ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني انب مهانگو آهي جڏهن ته انب جي پيداوار ۽ معيار ۾ اضافي سان قيمتون گهٽ ڪري سگهجن ٿيون. هن چيو ته ميون جي پيداوار وڌندي ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري به ايندي. چونسا ۽ سنڌڙي انب جي جيوگرافيڪل انڊيڪس ۾ شموليت اهم آهي. هن چيو ته هيٽ ٽريٽمينٽ ذريعي انب کي محفوظ بنائي سگهجي ٿو. هن چيو ته پاڪستاني انب ڪرغزستان برآمد ڪيو ويو جنهن جي مٺاس ۽ ذائي کي اتان جي عوام ساراهيو آهي. هن چيو ته انب جا مختلف قسم هوندا آهن، ان جو رنگ ۽ ذائقو مختلف هوندو آهي جڏهن ته انب برآمد ڪيو وڃي ته ان جو خيال رکيو وڃي. انب جي عالمي منڊين ۾ وڌيڪ پهچ ۽ ان جي برآمد ۾ اضافي جي لاءِ گريڊنگ ۽ ويليو ايڊيشن جي ضرورت آهي. هن چيو ته هن وقت پاڪستاني انب جي روانگي واپار 2 ملين ٽن آهي. حڪومتي قدمن جي ڪري ان ۾ اضافو ٿيندو.