اسلام آباد – 13 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪورونا وبا جي صورتحال سان بحالي، پائيدار ترقياتي مقصدن تي عملدرآمد ۽ ماحولياتي هدف حاصل ڪرڻ جي ٽه رخي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسرندڙ ملڪن کي مناسب فنڊز جي فراهم جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته عالمي معيشت ان وقت تائين مڪمل بحال نه ٿيندي جيستائين سمورا ملڪ پائيدار ترقياتي مقصد ۽ ماحولياتي هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ سيڙپڪاري ۾ اضافو نه ٿا ڪن، اسرندڙ ملڪن مان غيرقانوني سرمائي جي منتقلي کي روڪڻ گهرجي، انهن ملڪن جي چوري ٿيل اثاثا غيرمشروط طور واپس ڪيا وڃن، سمارٽ لاڪ ڊائون جي پاليسي سان ماڻهن جي قيمتي جانين ۽ انهن جو روزگار بچايو آهي، ويڪسي نيشن مهم تيز ڪرڻ جي لاءِ سمورا قدم کنيا پيا وڃن، وڌيڪ برابراڻي، مستحڪم ۽ خوشحال دنيا جي جوڙجڪ جي لاءِ تڪرارن جي پرامن منصفاڻي حل ۽ عالمي تعاون کي فروع ڏيڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي پائيدار ترقي بابت اعليٰ سطحي سياسي فورم کي اهم خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته هي اعليٰ سطحي سياسي فورم انساني تاريخ جي هڪ نازڪ موقعي تي ٿي رهيو آهي، جڏهن دنيا کي ڪوويڊ 19 جي وبا، معاشي ترقي جي ٻاڙائي ۽ ماحولياتي تبديلي جي ڪري بقاءَ جي خاطري جا ٽي وڏا چئلينجز درپيش آهن، ڪوويڊ وبا کي منهن ڏيڻ جي سلسلي ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ عالمي اداري جي سسٽم جي امداد ۽ بحالي جي ڪوششن جي حوالي سان انهن جي بهترين ڪردار کي ساراهيون ٿا. هن چيو ته الله تعاليٰ جي فضل سان پاڪستان ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ خوشقسمت رهيو آهي، سمارٽ لاڪ ڊائون جي پاليسي ۽ گهٽ مراعت يافته ماڻهن تي ڌيان ڏيڻ جي ڪري اسان وائرس تي وڏي حد تائين ضابطو آڻڻ ۾ ڪامياب رهيا آهيون، اسان ماڻهن جون قيمتي جانيون ۽ انهن جو روزگار بچايو، ڪوويڊ وبا تي ضابطو آڻڻ جي حڪمت عملي ۽ احساس سماجي تحفظ جي پروگرام جي عالمي پذيرائي کي به ساراهيون ٿا، هاڻي اسان پنهنجي ويڪسي نيشن مهم کي تيز ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته بدقسمتي سان ڪوويڊ 19 جي عالمي ۽ علائقائي وبا سان اها اڻبرابري سامهون آئي جيڪا قومن ۾ موجود آهي، عالمي معيشت ان وقت تائين مڪمل بحال نه ٿيندي جيستائين سمورا ملڪ بشمول امير ۽ غريب پائيدار ترقياتي مقصد ۽ ماحولياتي هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ سيڙپڪاري ۾ اضافو ۽ تيزي نه ٿا آڻين، قومي ۽ عالمي سطح تي قدم انهن ٽنهي چئلينجز کي موثر طور تي منهن ڏيڻ لاءِ ضروري آهن. هن چيو ته پهريون، وائرس کي شڪست ڏيڻ ۽ عالمي واپار، سيرپڪاري ۽ ترقي جي بحالي لاءِ ڪوويڊ 19 ويڪسين تائين عالمي ۽ قابل سگهه پهچ ضروري آهي، دنيا اسرندڙ ملڪن سميت ويڪسين جي تياري ۾ تيزي آڻي ۽ ان جي جلد ورڇ کي يقيني بڻائي، ان سان گڏ ئي وڏن ملڪن پاران ڪيل تعاون پڻ ساراهه جوڳو آهي، اڃا ان سلسلي ۾ تمام گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسان کي فوري طور تي جيڪي قدم کڻڻا آهن انهن ۾ فوري ۽ سخت ضروري قدمن ۾ حقوق ملڪيت دانش کان ڇوٽ ڀلي اها عارضي هجي، لائيسنس تحت ويڪسين جي تياري، ڪوويڪس سهولت جي فنڊنگ ۽ اسرندڙ ملڪن پاران ويڪسين جي فيئر پرائسز تي خريداري جي لاءِ گرانٽس ۽ قرض جي فراهمي شامل آهي. هن چيو ته ٻيو، ڪوويد جي بحالي، پائيدار ترقياتي مقصدن تي عملدرآمد ۽ ماحولياتي هدف حاصل ڪرڻ جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسرندڙ ملڪن جي لاءِ مناسب فنڊز کي متحرڪ ڪرڻ گهرجي، انهن ٽنهي چئلينجز جي لاءِ گڏيل تعاون جي ضرورت آهي جنهن کي اڳ کان بهتر جي تعمير جي نصب العين سان استعمال ۾ آڻڻ گهرجي. هن چيو ته وڌيڪ آمدني وارا ملڪن پنهنجي معيشت کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ 17 ٽريلين ڊالر جي معاونت فراهم ڪئي، ٻئي طرف اسرندڙ ملڪن کي بحرانن کي منهن ڏيڻ ۽ پائيدار ترقياتي مقصدن تي عملدرآمد جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 4.3 ٽريلين ڊالر جي ضرورت آهي، بدقسمتي سان اسرندڙ ملڪ هيستائين ان رقم جي 5 سيڪڙو کان به گهٽ فنڊنگ تائين پهچ حاصل ڪري سگهيا آهن. وزيراعظم چيو ته گذريل سيپٽمبر ۾ هڪ نئين آءِ ايم ايف اسپيشل ڊرائنگ رائٽس قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي جنهن جو مقصد موثر طور تي ڊيولپمينٽ فنانسنگ کي فروغ ڏيڻ آهي، نئين ايس ڊي آرز ۾ 650 ارب ڊالر پيدا ڪرڻ جي معاهدي جي آجيان ڪريون ٿا، جڏهن تهغريب ترين ملڪن جي لاءِ رکيل اضافي ذخيرا گهربل وڏي مالياتي مدد جي ويجهو نه آهن، ان لاءِ اهو ضروري آهي ته آءِ ايم ايف جي ڊائريڪٽر جنرل جي ان تجويز جي فوري طور تي منظوري ڏني وڃي ته وڌيڪ آمدني وارا ملڪ پنهنجي آءِ ايم ايف جي غيراستعمال ٿيل ڪوٽا جو هڪ حصو رضاڪاراڻي طور تي نئين سر وقف ڪري. وزيراعظم چيو ته کيس اميد آهي ته آءِ ايم ايف، عالمي بئنڪ ۽ ٻين ترقياتي بئنڪن ۽ ادارن ذريعي اسرندڙ ملڪن ۾ پائيدار ترقياتي مقصدن ۽ پروگرامن جي فنانسنگ جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 150 ارب ڊالر ٻيهر رکيا ويندا. هن چيو ته متاثر اسرندڙ ملڪن لاءِ مالياتي گنجائش ۽ ڊيولپمينٽ فنانس جي فراهمي لاءِ مهانگن قرضن جي ري اسٽرڪچرنگ هڪ ٻيو ضروري عنصر آهي، قرضن جي ري اسٽرڪچرنگ جي لاءِ ڪو عمومي فريم ورڪ، ڊگهي ڳالهه ٻولهه تي ٻڌل نه هجڻ گهرجي ڇو ته اهڙي طرح قرضن جي ريليف جو مقصد ختم ٿي ويندو. هن چيو ته هن نازڪ موقعي تي اسرندڙ ملڪن جي لاءِ او ڊي اي ڪمٽمنٽ 0.7 سيڪڙو ۽ 50 ارب ڊالر جي ايڊوانس آءِ ڊي اي 20 ونڊو سميت رعايتي ۽ گرانٽ فنانس جي واعدن کي لازمي پورو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اهڙي طرح گلاسگو ۾ سي او پي 26 جي ڪاميابي سميت ماحولياتي فنانس جي 100 ارب ڊالر سالياني جي فراهمي جي لاءِ اسرندڙ ملڪن پاران ڪمٽمنٽ کي پورو ڪرڻ ضروري آهي. ماحولياتي فنانس جي مجموعي ڪمٽمنٽ هاني هڪ ٽريلين ڊالر کان وڌيڪ آهي. او ڊي اي سميت ترقياتي تعاون جي لاءِ پيش ڪيل رقم ماحولياتي فنانس ڪمٽمتنٽ جي سلسلي ۾ ٻيهر نه ٿي ڳڻي سگهجي. هن چيو ته ماحولياتي فنانسنگ جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 50 سيڪڙو رقم موافقت جي لاءِ رکڻ گهرجي جنهن سان اسرندڙ ملڪ گڏيل پر مختلف نوعيت جي ذميوارين جي اصولن سان پنهنجي ماحولياتي ڪمٽمنٽ تي عملدرآمد ڪري سگهندا. پاڪستان جا شاندار منصوبا جن ۾ ري چارج انيشيٽيو ۽ 10 ارب ٽري سونامي پراجيڪٽ شامل آهن، اهڙي قسم جي معاوتن سان تمام گهڻو فائدو کڻي سگهن ٿا. هن چيو ته ٽيون، قومي ۽ عالمي ترقياتي حڪمت عملي ۾ انهن شعبن کي هدف بڻائڻ گهرجي جن سان اسرندڙ ملڪ ٽنهي چئلينجز کي منهن ڏئي سگهن جن ۾ ڪوويڊ بحالي، انساني ترقي، سماجي تحفظ، متبادل توانائي، پائيدار زراعت، ماحولياتي تبديلي ۽ ڊيجيٽلائيزيشن شامل آهي. هن چيو ته پائيدار انفراسٽرڪچر ۾ سيڙپڪاري جيڪا ايس ڊي جيز جي 92 سيڪڙو تي اثر رکي ٿي ترقياتي حڪمت عملي جو مرڪزي حصو هجڻ گهرجي، گڏيل قومون پنهنجي منفرد اجتماعي قوت سان هڪ ٽريلين ڊالر جي سيڙپڪاري استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ گهڻ رخي اسٽيڪ هولڊرز ڊائيلاگ شروع ڪري جيڪا ساليانو پائيدار انفراسٽرڪچر جي لاءِ گهربل آهي. هن چيو ته ايس ڊي جيز انويسٽمينٽ فيئر سميت گڏيل قومن جو ڊيولپمينٽ سسٽم اسرندڙ ملڪن کي اهڙا موزون منصوبا تجويز ڪرڻ جي لاءِ مددگار ٿي سگهي ٿو جنهنس ان سرڪاري ۽ نجي سيڙپڪاري کي ترغيب ملي سگهي ٿي. هن چيو ته چوٿون، عالمي مالياتي ۽ واپاري آرڪيٽيڪچر جي ڍانچاجاتي ۽ منظم نقص کي ٺوس ۽ فوري طور تي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. عالمي واپاري نظام سمورن اسرندڙ ملڪن کي عالمي منڊين تائين برابر ۽ ترجيح پهچ فراهم ڪري. ڪجهه وڏين معيشتن پاران ڊبليو ٽي او معاهدن جون خلاف ورزيون ڪندي کنيل تحفظاتي قدمن جو خاتمو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسرندڙ ملڪن پاران ٻاهر منتقل ڪيل ناجائز سرمائي جي وڏي رقم جي وهڪري کي به ضرور روڪڻ گهرجي، انهن ملڪن جا چوري ٿيل اثاثا غيرمشروط طور تي واپس ڪيا وڃن. ايف اي سي ٽي آئي پينل جون 14 سفارشون توثيق ۽ عملدرآمد جون مستحق آهن. هن چيو ته منافعي جي منتقلي ۽ ٽيڪس چوري جي خاتمي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ عالمي ڪارپوريٽ ٽيڪس جي آمريڪي تجويز جي آجيان ڪريون ٿا. هن چيو ته ڪوويڊ 19 جي عالمي وبا هڪ ڀيرو ٻيهر اسان کي انسانيت جي سخت ضروري اتحاد ۽ قومن جي ويجهي گڏيل دارومدار جي ضرورت جو احساس ڏياريو آهي. ان بحران کي گڏيل قومن جي منشور ۽ مقصدن جي ناقابل تغير اهميت جي آگاهي کي واضح ڪرڻ گهرجي، اسان کي وڌيڪ برابر، مستحڪم ۽ خوشحال دنيا جي جوڙجڪ جي لاءِ تڪرارن جي پرامن ۽ منصفاڻي حل ۽ عالمي تعاون کي فروغ ڏيڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.