APP93-130721 ISLAMABAD: July 13 - President Dr. Arif Alvi chairing a full review meeting of all Federal Ombudsmen at Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 13 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي انتظامي ناانصافين جي خلاف ضلعي ۽ سب ڊسٽرڪٽ سطح تي ماڻهن کي جلد انصاف فراهم ڪرڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال ۽ موجوده قانونن ۾ ترميم ڪندي محتسب جي ادارن کي مستحڪم ۽ بهتر بڻائڻ سان گڏوگڏ انهن جي پهچ کي وڌائڻ تي پڻ زور ڏنو آهي، انتظامي ناانصافين جي خلاف ماڻهن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ ۽ انهن جي شڪايتن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ محتسب پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪن. صدر ڏورانهن علائقن ۾ سمورن محتسب جي پهچ کي وڌائڻ ۽ متاثرين کي بنا معاوضي ۽ جلد انصاف جي فراهمي ۾ محتسب جي ڪارائتي ڪردار بابت ماڻهن ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي پن زور ڏنو. هو ايوان صدر ۾ سمورن محتسبن بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. محتسبن صدر کي متاثرين کي انصاف جي فراهمي ۾ پنهنجي پنهنجي لاڳاپيل ادارن جي ڪارڪردگي بابت تفصيل کان آگاهه ڪيو. وفاقي محتسب سيد طاهر شهباز صدر کي پنهنجي اداري جي ڪاميابين کان آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته وفاقي محتسب کي سال 2020ع ۾ 133521 شڪايتون مليون هيون جڏهن ته 2019ع ۾ اهو انگ 73069 هو. انهي سال دوران 130212 شڪايتن کي اڪلايو ويو هو. هن وضاحت ڪئي ته ڏورانهن علائقن جي ماڻهن جي شڪايتن جي ازالي جي سلسلي ۾ شڪايت سيل ۽ سهولت مرڪز قائم ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. فيڊرل ٽيڪس محتسب مشتاق احمد سکيرا صدر کي ٽيڪس جي ادارن ۾ بدانتظامي جي خلاف شڪايتن تي ماڻهن کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ ٽيڪس مهتسب پاران کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته وفاقي ٽيڪس محتسب متاثرين کي سال 2019ع ۾ 5865 ملين جي مقابلي ۾ 242.458 ملين رپين جي ري فنڊ جي ادائيگي ۾ سهولت ڏني. هن ٻڌايو ته وفاقي مهتسب 2020ع ۾ 3715 مان 3410 شڪايتن جو ازالو ڪيو آهي. عورتن کي حراسان جي خاتمي بابت وفاقي محتسب ڪشمالا طارق ٻڌايو ته سندس ادارو ڪم جي جڳهه تي هراسان ڪرڻ جي خلاف عورتن جي تحفظ تي ڌيان ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته سال 20 – 2018ع دوران 1241 شڪايتون مليون هيون جڏهن ته 17 – 2013ع ۾ ملندڙ شڪايتن جو انگ 398 هو. هن ٻڌايو ته سندس اداري 22 – 2018ع دوران 1241 مان 1133 شڪايتون اڪلايون آهن. پاڪستان جي بئنڪنگ محتسب ڪامران شهزاد اجلاس کي ٻڌايو ته بئنڪنگ محتسب کي جنوري کان جون 2021ع دوران 20220 شڪايتون مليون آهن جڏهن ته ان کان گذريل سال جي انهي مدي دوران 11174 شڪايتون مليون هيون. هن ٻڌايو ته شڪايت ڪندڙن کي 305 ملين رپين جو ريليف فراهم ڪيو ويو جڏهن ته انهي عرصي دوران 14910 شڪايتون اڪلايون ويون. وفاقي انشورنس محتسب ڊاڪٽر محمد اور جميل اجلاس کي متاثره انشورنس پاليسي هولڊرز کي ريليف ڏيڻ ۾ انشورنس محتسب جي ڪارڪردگي بابت آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته 3107 شڪايتون مليون آهن جڏهن ته 2019ع ۾ ملندڙ شڪايتن جو انگ 2441 هو. انهن مان 2183 کي اڪلايو ويو آهي. صدر انتظامي ناانصافين جي خلاف عوام کي تيز ۽ بنا معاوضي انصاف فراهم ڪرڻ جي لاءِ محتسبن جي ڪارڪردگي ۽ ڪاميابين کي ساراهيو. صدر سمورن محتسبن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو جن سرڪاري ادارن جي بدانتظامي جي خلاف عوام کي تيز رفتار ۽ بنا معاوضي انصاف جي فراهمي ذريعي هڪ ذڪر جوڳو ڪم سرانجام ڏنو آهي.