اسلام آباد-03 جولاءِ (اي پي پي) قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب کچي کي لوڪ ورثه جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر وقاص اداري ۾ جاري ترقياتي ڪمن بابت بريفنگ ڏني. ملاقات ۾ لوڪ ورثه ۾ سياحن جي دلچسپي وڌائڻ لاءِ مختلف منصوبن ڪلچرل تصويرن ۽ نَون پروگرامن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اي ڊي ٻُڌايو ته لوڪ ورثه ۾ آرٽس اينڊ ڪرافٽ جي ڪلاسن جي شروعات ٿي چڪي آهي جلد ڊانس ۽ ميوزڪ جا ڪلاس به شروع ڪيا ويندا. وفاقي وزير موقعي تي هدايت ڏني ته اداري ۾ صفائيءَ جو خاص خيال رکيو وڃي، خاص ڪري واش رومز ۽ خوراڪ جي شين جي صفائيءَ کي يقيني بنايو وڃي. هن چيو ته صفائي اڌ ايمان آهي ۽ ان سان نه صرف سياحن جي انگ ۾ واڌ ٿيندي پر پاڪستان جي مثبت سُڃاڻپ جو تاثر به اجاگر ٿيندو. وفاقي وزير چيو ته 20 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن وچ ۾ ميوزڪ گرافي، آرٽس ۽ هٿ جي هنر سميت ٽرڪ آرٽ جا مقابلا منعقد ڪرايا وڃن ۽ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ٻارن کي انعام ڏنا وڃن. هن اعلان ڪيو ته پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس ۾ به سونگز جي مقابلن جو بندوبست ڪيو وڃي. وفاقي وزير چيو ته اهڙن قدمن سان اداري جي پروموشن ۽ اهي شعبا جيڪي نقصان ۾ وڃي رهيا آهن جهڙوڪ روايتي ثقافت ڊائينگ ڪلچر ۽ ٻين کي نئين زندگي ملندي. اجلاس ۾ 14 آگسٽ جي حوالي سان ڪلچرل پروگرامز جي تيارين جو به تفصيلي جائزو ورتو ويو. وفاقي وزير چيو ته هلندڙ سال لوڪ ميلا ۾ پرڏيهي ڪمپنين کي دعوت ڏني ويندي، اهي به ميلي ۾ پنهنجا اسٽالز لڳائيندا ته جيئن ثقافتي مٽاسٽا کي هٿي ملي سگهي، ان مقصد لاءِ ٻين ملڪن جي سفيرن کي باضابطه دعوتناما موڪليا وڃن. اهي سمورا قدم پاڪستان جي ثقافتي ورثي کي محفوظ بنائڻ ۽ ان کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ لاءِ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندا.