اسلام آباد-03 جولاءِ (اي پي پي)موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ اسپين جي شهر سيويل ۾ ترقي لاءِ فنانسنگ تي منعقد چوٿين عالمي ڪانفرنس (ايف ايف ڊي 4) جي موقعي تي هڪ پروگرام ۾ شرڪت ڪئي جنهن جو عنوان ترقي لاءِ قرض کي تبديل ڪرڻ، ڊي ايس سي فنانسنگ ايپروچ هو. موسيماتي تبديلي ۽ ماحولياتي رابطن واري وزارت طرفان جاري بيان موجب وفاقي وزير اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب ۽ موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي رابطن واري مملڪتي وزير  شذره منصب علي خان کرل سان گڏ شرڪت ڪئي.  شرڪت ڪندڙن قرض ۾ رليف کي ڪلائميٽ ريزيلينس ۽ ترقياتي ترجيحن ۾ سيڙپڪاري سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ جديد مالياتي طريقيڪار تي غور ڪيو. اجلاس دوران ڊاڪٽر مصدق ملڪ ڪلائميٽ ريزيلينٽ جي منصوبن جي ضرورت تي زور ڀريو. خاص ڪري شمسي توانائي سميت ماحول دوست توانائي جا ذريعا ڳولڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته سمنڊ ۽ درياءَ وسيلن طور هاڻي به وڏي حد تائين غير استعمال ٿيل آهن ۽ جٽادار ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.