اسلام آباد-03 جولاءِ (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري سان عماني سفير ملاقات ڪئي، ان موقعي تي ٻه طرفي سامونڊي تعاون تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ عمان وچ ۾ سيڙپڪاريءَ جي موقعي تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات ۾ سامونڊي تربيت، تحقيق ۽ ٽيڪنالاجي تي تعاون تي ڳالهه ٻولهه ٿي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان عمان سان پائيدار حصيداري چاهي ٿو. عمان جي بندرگاهي مهارتن مان فائدو کڻڻ چاهي ٿو. عماني سفير گوادر بندرگاهه ۾ ڪاروباري سرگرمين ۾ دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو. عماني سفير واپاري تعاون جي آڇ ڪئي ۽ جديد بندرگاهي انتظام ۽ سامونڊي ترقيءَ ۾ تعاون ڪيو ويندو. هن چيو ته ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي سامونڊي ويزن جي هم آهنگيءَ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. ملاقات دوران وفاقي وزير عماني شاگردن لاءِ پاڪستان ميرين اڪيڊمي ۾ داخلائن جو اعلان ڪيو. ان حوالي سان ڳالهائيندي عماني سفير چيو ته پاڪستان ميرين اڪيڊمي ۾ عماني شاگردن لاءِ داخلائون سٺو سنوڻ آهن. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ميرين اڪيڊميءَ کي يونيورسٽيءَ جو درجو ڏيڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.