اسلام آباد-03 جولاءِ (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف ترڪ سفارتخاني ۾ مذهبي معاملن جي قونصلر ڊاڪٽر عبدالرحمان آق ڪوش ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ديني علم ۽ رفاهي منصوبن جي حوالي سان ٻه طرفي تعاون تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي مذهبي معاملن واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جو ترڪيه سان اسلامي ڀائيچاري جو مضبوط رشتو آهي، خوشي آهي ته اسان جون حڪومتون گڏيل لاڳاپن کي سياسي، اقتصادي، ديني ۽ ثقافتي ميدانن ۾ هٿي ڏئي رهيون آهن. مسلمان اُمت جا مسئلا اسلاموفوبيا، ڪشمير ۽ فلسطين جي مظلوم عوام جي حمايت ۾ ترڪيه جي چٽي مؤقف جو قدر ڪريون ٿا. هن چيو ته حافظ قرآن ۽ ديني علمن جي ماهر قونصلر مذهبي معاملن جي پاڪستان ۾ مقرري ترڪيه حڪومت جو سٺو قدم آهي. ترڪيه جي ديانت فائونڊيشن طرفان رمضان پيڪيج، قرباني، صحت، تعليم ۽ پاڻيءَ جي منصوبن تي شڪرگذار آهيون. هن چيو ته ترڪيه 2005ع جي زلزلي کانپوءِ بحالي ۽ فلاحي ڪمن ۾ بهترين ڪم ڪيو. زلزلي دوران ڊسٽرڪٽ ناظم مانسهره طور ترڪيه حڪومت جي پرخلوص تعاون جو اکين ڏٺو شاهد آهيان. هن چيو ته اسلامي دنيا ۾ هڪجهڙي طور چنڊ ڏسڻ جي مسئلي تي مشاورت ڪري سگهون ٿا. ترڪيه جي سفارتڪار چيو ته پاڪستان سان ديني تعليم، صحت ۽ فلاحي ڪمن ۾ تعاون جي دائري کي وڌيڪ وڌائڻ چاهيون ٿا. ديانت فائونڊيشن يتيم ٻارن لاءِ هڪ هزار اسڪولز بيگ، 100 اعليٰ تعليمي وظيفا، سيرت رسائل تقسيم ڪري ٿي. مسڪين ماڻهن لاءِ رمضان پيڪيج، قربانيءَ جو گوشت جي ورهاست، پاڻيءَ جي کوهن جو انتظام ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته ترڪيه جي فتويٰ ڪميشن جلد پاڪستان جو دؤرو ڪندي ۽ عالمن سان ملاقاتون ڪندي. هن چيو ته سردار محمد يوسف جي مسلم اُمت لاءِ فڪرمندي تقليد لائق آهي.