تيانجن-03 جولاءِ (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان رشين فيڊريشن جي ٽرانسپورٽ واري ڊپٽي وزير اينڊري سرجيوچ نڪيتن جي ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته پاڪستان کان ريل ۽ روڊ نيٽ ورڪ ۽ واپاري راهدارين ذريعي وچ ايشيائي رياستن ۽ روس تائين زميني رابطن کي هٿي ڏني وڃي جنهن لاءِ خطي ۾ مختلف ملڪن وچ ۾ شاهراهن جي تعمير ۾ تيزي آندي وڃي، اهڙيءَ طرح وچ ايشيا کي پاڪستان جي گرم پاڻين تائين رسائيءَ سان واپاري سرگرمين کي وڏي پيماني تي هٿ ملي سگهي ٿي. چين جي شهر تيانجن ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ٽن ڏينهن واري وزارتي ڪانفرنس جي موقعي تي ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ٿيل ملاقات ۾ روس ۽ـ پاڪستان وچ ۾ ٻه طرفو تعاون وڌائڻ تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. وفاقي وزير ٻُڌايو ته پاڪستان پنهنجي مواصلات جي ذريعن کي جدت سان روشناس ڪرائي رهيو آهي، ڊجيٽلائيزيشن ۽ شاهراهن تي سي سي ٽي وي ڪئميرائن جي مانيٽرنگ جو عمل آندو پيو وڃي جڏهن ته موٽر ويز کي بيريئر فري ڪرڻ ۽ اِي ٽيگ لازمي قرار ڏيڻ تي ڪم تيزيءَ سان ٿي رهيو آهي. رشين فيڊريشن جي نائب وزير پاڪستان ۽ روس وچ ۾ گڏيل منصوبن تي ڪم جاري رکڻ تي اتفاق ڪندي چيو ته ٻئي ملڪ خطي ۾ واپار کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ان ملاقات ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۽ ان جي مختلف رُخن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته شنگهائي تعاون تنظيم جي ٽن ڏينهن واري اجلاس ۾ پاڪستاني وفد مواصلات واري وفاقي وزير جي اڳواڻي ۾ شرڪت ڪئي ۽ چين جي ٽرانسپورٽ واري وزير ليووي سندس آجيان ڪئي، جڏهن ته اجلاس جي موقعي تي وفاقي وزير مختلف ملڪن جي وزيرن سان ملاقاتون ڪيون. پاڪستان مان مواصلات واري سيڪريٽري ۽ سينيئر آفيسرن وفاقي وزير جي معاونت ڪئي، جڏهن ته پنهنجي خطاب ۾ وفاقي وزير پاڪستان جي مواصلاتي ذريعن ۾ ٿيل اڳڀرائي ۽ ٻين ملڪن سان معاهدن خاص ڪري چين ۽ افغانستان جي رستي ٻين ملڪن سان زميني رابطن تي تفصيلي روشني وڌي ۽ پاڪستان طرفان ان عزم جو اظهار ڪيو ته خطي ۾ واپاري سرگرمين کي هٿي ڏيڻ ۾ مواصلات جي ذريعن کي ترجيح ڏني ويندي. هن گذريل 15 مهينن ۾ پاڪستان ۾ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ۽ موٽر ويز تي ٿيل سڌارن ۽ روينيو ۾ واڌ جو ذڪر پڻ ڪيو.