اسلام آباد-03 جولاءِ (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي جي صدارت هيٺ ريلوي هيڊ ڪوارٽر ۾ رٿيل اهم اجلاس دوران ڊراءِ پورٽس جي ڪارڪردگي، آمدني ۽ صلاحيتن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ مغلپوره، اسلام آباد ۽ اضاخيل ڊراءِ پورٽس جي آمدني ۽ سگهه بابت رپورٽون پيش ڪيون ويون. وفاقي وزير ان موقعي تي چيو ته هيءَ ڊراءِ پورٽس بيپناهه آمدني جي صلاحيت رکن ٿيون. جديد رُخن تي آڻڻ جي کين ضرورت آهي. هن سمورن ڊويزنل سپرينٽنڊنٽس کي هدايت ڪئي ته محنت ۽ سڌارن سان مسافرن جي مسئلن کي حل ڪرڻ کي يقيني بنايو وڃي ۽ سمورن ريلوي آفيسرن کي به هدايت ڪئي ته ريلوي اسٽيشنز جو بار بار دؤرو ڪن ۽ سڌيءَ ريت مسافرن سان رابطو قائم ڪن. وفاقي وزير واضح ڪيو ته سمورن ريلوي اسٽيشنز ۽ ٽرينن ۾ لڳل گيس سلينڊرز اوگرا کان منظور ٿيڻ گهرجن. هن سلينڊرز جي چيڪنگ جي مهم جي شروعات جو به فيصلو ڪيو. هن اسٽيشن ماسٽر جي ڪارڪردگيءَ کي ساراهيندي اعلان ڪيو ته جيڪي اسٽيشن ماسٽر صفائي، خوبصورتي، هارٽيڪلچر ۽ سارسنڀال جي حوالي سان بهتر ڪم ڪري رهيا آهن انهن کي ذاتي طور انعامن سان نوازيو ويندو.