اسلام آباد – 14 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوف جي دعوت تي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اڄ خميس ڏينهن ازبڪستان روانو ٿيندو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سميت ڪابينا جي ٻين ميمبرن تي ٻڌل اعليٰ سطحي وفد پڻ وزيراعظم سان گڏ آهي. ان موقعي تي پاڪستان جي اهم ڪاروباري ماڻهن تي ٻڌل گروپ پڻ ازبڪستان جو دورو ڪندو. وزيراعظم عمران خان ۽ ازبڪ صدر شوڪت مرزيوف جي وچ ۾ ملاقات دوران واپاري ۽ اقتصادي تعاون ۽ رابطن ۽ علائقائي ۽ عالمي دلچسپي جي معاملن تي سميت ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن کي بحث هيٺ آندو ويندو. ان موقعي تي مختلف شعبن ۾ ڪيترن ئي معاهدن ۽ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون پڻ متوقع آهن. وزيراعظم عمران خان پهرين پاڪ – ازبڪ بزنس فورم کي خطاب ڪندو جڏهن ته فورم ۾ اهم پاڪستاني ۽ ازبڪ ڪاروباري ماڻهو شرڪت ڪندا. ازبڪ صدر جي دعوت تي وزيراعظم عمران خان ”وچ ۽ ڏکڻ ايشيا رابطن“ جي حوالي سان عالمي ڪانفرنس ۾ پڻ شرڪت ڪندو. ڪانفرنس ۾ وچ ۽ ڏکڻ ايشيا ۽ ٻين اهم ملڪن جا وزير، عالمي تنظيمون، مالياتي ادارا، ٿنڪ ٽينڪس جا نمائندا ۽ اسڪالرز شريڪ ٿيندا. وزيراعظم دوري دوران ”نئون پاڪستان“ جي پنهنجي ويزن، علائقائي ۽ عالمي سطح تي امن ۽ سلامتي ۾ پاڪستان جي ڪردار ۽ جيو پوليٽڪس کان جيو اڪانومي طرف منتقلي کي اجاگر ڪندو. وزيراعظم جي دوري کان هڪ ڏينهن اڳ اربع تي تاشقند ۾ گڏيل بين الحڪومتي ڪميشن جو ڇهون سيشن ۽ جوائنٽ بزنس ڪائونسل جو افتتاح اجلاس پڻ ٿيو.