گوادر – 05 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گوادر خطي ۾ اقتصادي ۽ ترقياتي سرگرمين جو محور بڻجندو جنهن سان نه رڳو پاڪستان ۽ بلوچستان کي فائدو ٿيندو پر وچ ايشيا سميت علائقائي ملڪن جي لاءِ پڻ وسيع تر واپاري موقعا پيدا ٿيندا، پرڏيهي سيڙپڪارن کي ون ونڊو آپريشن تهت سهولتون ڏنيون وينديون، اسان جي ڪوشش آهي ته ترقي جي عمل ۾ ملڪ جي سمورن علائقن کي گڏ کڻي هلون، ملڪ کي معاشي طور تي خودمختيار بڻائڻ جي لاءِ روانگي واپار ۾ اضافي تي ڌيان ڏيڻو پوندو، گوادر سميت سمورن شهرن جو ماسٽر پلان ٺاهيو پيو وڃي، ترقياتي منصوبن جي نگراني سڌوسنئون وزيراعظم آفيس مان ڪئي ويندي، ان سلسلي ۾ وزيراعظم آفيس ۽ وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ جي وچ ۾ موثر رابطي کي پڻ يقيني بڻايو ويندو، وفاقي حڪومت بلوچستان جي ترقي جي لاءِ 730 ارب رپين جو تاريخي پئڪيج ڏنو آهي، پاڪستان جي پوري ڪوشش آهي ته افغانستان ۾ پائيدار امن هجي، افغانستان جي مسئلي جو سياسي حل نڪري، گهرو ويڙهه ۽ انتشار نه ٿئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گوادر جي دوري دوران مختلف ترقياتي منصوبن جي افتتاح ۽ مفاهمت جي ياداشتن جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم گوادر فري زون جو افتتاح ۽ ان جي فيز ٽو جي پيڙهه جو پٿر پڻ رکيو. تقريب ۾ سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي، بلوچستان جو وڏو وزير ڄام ڪمال، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، وفاقي وزير اسد عمر، علي زيدي، شاهه محمود قريشي، زبيده جلال کانسواءِ قومي سلامتي وارو صلاحڪار معيد يوسف، سي پيڪ اٿارٽي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته گوادر جي دوري جا سندس ٻه مقصد هئا، هڪ ته گوادر فري زون جو افتتاح ۽ 2200 ايڪڙ تي فري زون فيز ٽو جي پيڙهه جو پٿر رکڻ هو. هن چيو ته بلوچستان کي ماضي ۾ ترقي ۾ نظرانداز ڪيو ويو، بدقسمتي سان ترقي ۾ ڪيترائي علائقا تمام گهڻو پٺتي رهجي ويا ۽ انهن ۾ بلوچستان به شامل آهي. وزيراعظم چيو ته 1960ع جي ڏهاڪي ۾ خطي جي انهن چئن ملڪن ۾ پاڪستان شامل هو جيڪي تيزي سان ترقي ڪري رهيا هئا ۽ اسان هڪ رول ماڊل هئاسين، اڄ جيڪي ملڪ ايشين ٽائيگر شمار ٿين ٿا، اهي اسان جي طرف ڏسندا هئا پر اسان غلطيون ڪيون جنهن جي ڪري اسان اهي حالتون ڏسڻيون پيون. هن چيو ته گوادر پاڪستان جو فوڪل پوائنٽ بڻجندو جنهن سان پاڪستان ۽ خاص طور تي بلوچستان کي فائدو ٿيندو، بجلي ۽ پاڻي جهڙا بنيادي مسئلا حل نه ڪيا ويا، صنعتي سرگرمين جي لاءِ گئس به ضروري هوندي آهي، ان کانسواءِ گوادر کي ٻين علائقن سان ڳنڍڻ جي لاءِ رستن جي تعمير تي پڻ ڌيان نه ڏنو ويو، خاص طور تي سي پيڪ جي اولهندي روٽ تي به ڌيان نه ڏنو ويو پر هاڻي سمورن منصوبن تي ڪم شروع ٿي چڪو آهي. هن چيو ته توانائي ۽ پاڻي جا منصوبا ۽ انٽرنيشنل گوادر ايئرپورٽ جي تعمير ٿي رهي آهي، اهو گوادر کي دنيا سان ڳنڍيندو، انهن منصوبن تي ڪم تيز ٿيڻ گهرجي ها پر انهن جي رفتار سست رهي. وزيراعظم چيو ته چيني ۽ ٻين پرڏيهي سيڙپڪارن کي هتي بهتر سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو جيڪڏهن اسانهن کي بهتر خدمتون فراهم نه ڪنداسين ته اهڙا ملڪ موجود آهن جتي انهن کي بهتر سهولتون ملي رهيون آهن، ان سلسلي ۾ ويٽنام، ڪمبوڊيا ۽ بنگلاديش ۾ سيڙپڪارن کي تمام گهڻيون سهوليون ملي رهيون آهن، موجوده حڪومت پرڏيهي سيڙپڪارن جي لاءِ ون ونڊو آپريشن شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته اسان جو سڀ کان وڏو مسئلو اهو آهي ته اسان جي روانگي واپار ۾ ماضي ۾ اضافو نه ٿيو ۽ روانگي واپار وڌائڻ تي ڌيان نه ڏنو ويو جڏهن روانگي واپار نه وڌندو ته جيئن جيئن معيشت ترقي ڪري ٿي ته دٻاءُ وڌڻ سان روانگي واپار ۾ اضافو ٿي وڃي ٿو ۽ رپئي تي دٻاءُ وڌڻ سان ڪرنٽ اڪائونٽ خساري جي صورت ۾ مسئلا پيدا ٿين ٿا ۽ آءِ ايم ايف سان رجوع ڪرڻو پوي ٿو. وزيراعظم چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته سيڙپڪارن کي خصوصي اقتصادي زونز ۽ نارٿ فري زون جهڙين جاين تي سيڙپڪاري جي لاءِ راغب ڪريون ته جيئن ملڪ جي آمدني وڌي ۽ ميڪرو اقتصادي عدم توازن ختم ٿئي. هن چيو ته 18 هين ترميم کانپوءِ خرچ صوبن ڏانهن منتقل ٿي ويا، اسان جي ڪوشش آهي ته ڪيترن ئي معاملن تي وفاقي حڪومت اجازت ڏئي ڇڏي ٿي پر صوبن ۾ مسئلا پيدا ٿي وڃن ٿا، بلوچستان حڪومت سان وفاقي حڪومت جو تمام سٺو رابطو آهي، اهو رهڻ گهرجي ۽ ان ۾ وڌيڪ اضافو ڪرڻ گهرجي ڇو ته جنهن ملڪ ۾ سيڙپڪارن کي فائدو ٿي رهيو هوندو آهي ۽ انهن کي بهتر منافعو ملي رهيو هوندو آهي ته اتي سيڙپڪاري کي ترجيح ڏيندا آهن ۽ ٻيا سيڙپڪار به ان ملڪ جو رخ ڪندا آهن. وزيراعظم چيو ته چين سان دوستي ۽ لاڳاپن جو اسان کي وڏو فائدو ٿيو، چين معاشي لحاظ کان تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي، اسان پنهنجي جاگرافيائي بيهڪ ۽ چين جي دوستي مان فائدو کڻي سگهون ٿا، گوادر ۾ ووڪيشنل انسٽيٽيوٽ قائم ڪرڻ سان گوادر ۽ بلوچستان جي نوجوانن کي فائدو ٿيندو، جيئن جيئن اها سيڙپڪاري وڌندي ۽ صنعتون لڳنديون ته هتي پيشيواراڻي مهارت رکندڙ افرادي قوت جي ضرورت پوندي. هن چيو ته گوادر ۾ 500 بسترن جي اسپتال تعمير ڪئي پئي وڃي، وزيراعظم آفيس ۽ وزيراعليٰ آفيس ۾ بهتر رابطي ذريعي انهن منصوبن جي مانيٽرنگ ڪئي ويندي ته جيئن انهن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي سگهجي. وزيراعظم چيو ته ڪو ملڪ ان وقت تائين اڳتي نه ٿو وڌي سگهي جيستائين سمورن علائقن ۾ برابر ترقي کي يقيني نه بڻايو وڃي ۽ ڪو به علائقو ترقي ۾ پٺتي نه رهڻ گهرجي، اسان جي ڪوشش آهي ته انهن سمورن علائقن ۾ ترقي ٿئي جيڪي ماضي ۾ پٺتي رهجي ويا آهن، فاٽا، بلوچستان، پنجاب جي ڏاکڻي ضلعن ۽ اترين علائقن انهن تي ڌيان ڏنو پيو وڃي ۽ پهريون ڀيرو پٺتي پيل علائقن جي ترقي جي لاءِ تمام گهڻا فنڊز فراهم ڪيا ويا آهن. وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت بلوچستان جي لاءِ ايندڙ چئن سالن جي لاءِ 730 ارب رپيان جو وڏو پئڪيج ڏنو آهي ۽ ايتر وڏو ترقياتي پئڪيج اڳ ۾ ڪڏهن صوبي کي ناهي ڏنو ويو، بلوچستان تمام وڏو علائقو آهي جيستائين هتي رستا نه ٺهندا هتي ترقي نه ٿي ٿي سگهي، ترقياتي پئڪيج ذريعي ڏورانهن علائقن کي پاڻ ۾ ڳنڍيو پيو وڃي، سي پيڪ جي اولهندي روٽ تي اڳڀرائي تمام گهڻي اڳتي وڌي چڪي آهي، جڏهن رابطي جا ذريعا نه ٿا ٺاهيا وڃن ته پوءِ سماجي ۽ اقتصادي ترقي نه ٿي ٿئي جنهن جي ڪري انتشار پسند ماڻهو بيروزگار نوجوانن کي آساني سان پاڻ سان ملائي ڇڏين ٿا. وزيراعظم چيو ته احساس پروگرام تحت اسان جي پوري ڪوشش آهي ته ڪاليجز ٺاهيا وڃن، گوادر ۾ يونيورسٽي ٺهي رهي آهي، ڪامياب پاڪستان پروگرام تحت غريب خاندانن کي آسان شرطن تي قرض ڏنو ويندو، آبادگارن کي سهولتون ڏنيون وڃن ۽ علاج جي لاءِ هيلٿ انشورنس فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته نئون پاڪستان هائوسنگ منصوبو سستي جو شڪار رهيو آهي ڇو ته ماضي ۾ بئنڪن کي غريب ماڻهن کي گهرن جي لاءِ قرض ڏيڻ جي هتي روايت ناهي رهي، هاڻي اهي قرض ڏنا پيا وڃن. وزيراعظم چيو ته گوادر ۾ ڪامياب جوان پروگرام تحت سامونڊي معاملن واري وزارت ماهيگيرن جي ٻيڙين ۽ مڇيون پکڙڻ جا ڄار بهتر بڻائڻ جي لاءِ پروگرام ٺاهيو آهي، گوادر وچ ايشيا تائين جي خطي کي پاڻ ۾ ڳنڍي رهيو آهي، تاجڪستان ۽ ازبڪستان سان اسان جا معاهدا ٿيا آهن، اهي گوادر جي رستي واپار ڪرڻ چاهين ٿا. وزيراعظم چيو ته افغانستان جي حوالي سان سڀني جي خواهش آهي ته افغانستان ۾ امن قائم ٿئي، ايران جي صدر سان به ڳالهه ٿي آهي ۽ اسان جي حڪومت جي اها ڪوشش آهي ته افغانستان جا سمورا پاڙيسري گڏجي ڪوشش ڪن ته اتي سياسي حل نڪري ۽ گهرو ويڙهه ۽ انتشار نه ٿئي ڇو ته گهرو ويڙهه جو سڀ کان وڌيڪ نقصان ته افغانستان کي ٿيندو پر پاڙيسري ملڪن کي به ان جو نقصان ٿيندو، پناهگيرن سان گڏوگڏ وچ ايشيا سان واپاري رابطا پن مثيا ٿيندا، پرڏيهي وزير ڪوشش ڪري رهيو آهي ته سمورن پاڙيسري ملڪن ۽ طالبان سان به ڳالهه ڪريون ۽ ڪنهن نه ڪنهن طرح اتي مسئلي جو سياسي حل نڪري اچي. وزيراعظم چيو ته منصوبابندي واري وزارت بلوچستان جي وڏي وزير سان گڏ ويهي صوبي جي لاءِ تمام وڏو پئڪيج تيار ڪيو آهي، وزيراعظم آفيس گوادر جي منصوبن جي مڪمل نگراني ڪندي ۽ وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ سان به اسان جو رابطو رهندو ته جيئن ڪنهن قسم جي ڪا رڪاوٽ نه اچي ۽ سمورن منصوبن تي اڳڀرائي جو ماهوار جائزو ورتو وڃي، ايسٽ بي ايڪسپريس وي جي افتتاحي تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪندس. هن چيو ته سمورن شهرن جي لاءِ ماسٽر پلان ٺاهي رهيا آهيون ڇو ته ماسٽر پلان نه هجڻ جي ڪري شهر پکڙجندا پيا وڃن جنهن جي ڪري سهولتن جي فراهمي ۾ مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن. تقريب کي بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال، پاڪستان ۾ چين جي سفير نونگ رونگ ۽ سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه پڻ خطاب ڪيو.