APP36-050721 ISLAMABAD: July 05 - President Dr. Arif Alvi conferring the award of Nishan-e-Imtiaz (Military) upon the Commander of Turkish Land Forces, General Umit Dundar at Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 05 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ دفاعي لاڳاپن جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي ترڪي جي زميني فوج جي ڪمانڊر جنرل اميت دندار کي نشان امتياز عطا ڪيو آهي، ان حوالي سان خصوصي تقريب ايوان صدر ۾ ٿي، تقريب ۾ اعليٰ فوجي ۽ سول عملدارن شرڪت ڪئي، جنرل اميت دندار نيٽو، افغانستان ۾ ڪمانڊر سميت ترڪي جي فوج ۾ اهم عهدن تي فائز رهيو، هن ٻنهي دوست ملڪن پاڪستان ۽ ترڪي جي هٿياربند فوج جي وچ ۾ دفاعي تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۽ فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.