APP37-050721 GWADAR: July 05 - Prime Minister Imran Khan receives briefing on South Balochistan Package. APP

گوادر – 05 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بلوچستان جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪا حڪومت بلوچستان تي ڌيان ڏئي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گوادر ۾ ڏکڻ بلوچستان ترقياتي پيڪيج تي اڳڀرائي جي حوالي سان اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم کي پيڪيج تي عملدرآمد جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي، وفاقي وزير اسد عمر، مخدوم شاهه محمود قريشي، فواد چوڌري، علي زيدي، زبيده جلال، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال، سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه، صوبائي وزيرن ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي حڪومت جي بلوچستان تي خصوصي ڌيان جي ويزن تحت بلوچستان پيڪيج تي اڳڀرائي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته وفاقي ۽ صوبائي ادارا گڏجي پيڪيج تي جاري ڪم جي نگراني ڪري رهيا آهن ۽ منصوبن جي ترجيحي تڪميل کي يقيني بڻائي رهيا آهن، وڌيڪ ٻڌايو ويو ته 654 ارب جي مجموعي پيڪيج مان هلندڙ مالي سال 99.38 ارب روپيا خرچ ڪيا ويندا جڏهن ۾ ٽرانسپورٽ ۽ بنيادي ڍانچي جي تعمير، صاف پاڻي جي فراهمي ۽ بهتر استعمال، زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، توانائي، صنعت ۽ واپار، افرادي قوت ۽ تعليم ۽ ٻيا ترقياتي منصوبا شامل آهن. پيڪيج ۾ ڪل 1100 ڪلوميٽر جي رستن جو ڄار وڇايو پيو وڃي جيڪو بلوچستان جي ماڻهن کي اچ وڃ ۾ آساني سان گڏوگڏ زرعي جنسن کي منڊين تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. پيڪيج ۾ پاڻي کي ذخيرو ڪرڻ لاءِ 7 وڏا ڊيم ۽ 100 جي لڳ ڀڳ ننڍن ڊيمن جي تعمير به شامل آهي، انڪرا، سواد ۽ شادي ڪور ڊيم گوادر ۾ صاف پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. ان کانسواءِ آبپاشي جي نظام جي بهتري ۽ زراعت لاءِ پاڻي جي فراهمي ايگريڪلچرل ٽرانسفارميشن پلان جي نفاذ ۾ مدد ۽ زرعي پيداوار ۾ اضافي جو وسيلو بڻجندا، ان کانسواءِ اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پيڪيج جي تحت موجوده بجلي جي فراهمي کي 12 سيڪڙو مان وڌائي 57 سيڪڙو ڪيو ويندو، ان کانسواءِ ايل پي جي جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته تعليم لاءِ ايسپائر جي نالي سان هڪ جامع منصوبو شروع ڪيو ويو آهي جنهن تحت ٽيلي اسڪولنگ سان ڏورانهن علائقن جي شاگردن کي فاصلاتي تعليم جي فراهمي ڪئي پئي وڃي، وڌيڪ اهو ته وسيله تعليم جي تحت 25000 ٻارن کي تعليم ڏني پئي وڃي جڏهن ته گوادر ۽ خاران ۾ ڪيڊٽ ڪاليجز ۽ تربت، پشين ۽ خضدار ۾ عورتن لاءِ يونيورسٽين جو قيام به منصوبي ۾ شامل آهي، اجلاس کي اهو به ٻڌايو ويو ته فاصلاتي تعليم جي ذريعي 6 لڪک 40 هزار ٻار تعليم مان مستفيد ٿي سگهندا، احساس منصوبي تحت پنج هزار خاندانن جي مالي مدد به ڪئي وئي آهي جڏهن ته وڌيڪ 20 هزار خاندانن لاءِ سروي جاري آهي، وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڊجيٽل بلوچستان تحت ڪيچ، گوادر، چاغي ۽ نوشڪي ۾ ڊجيٽل ڪنيڪٽوٽي کي بهتر بڻائڻ، وڏين شاهراهن جي پاسن کان هاءِ اسپيڊ انٽرنيٽ جي فراهمي ۽ 35 هزار نوجوانن کي اگنائيٽ پروگرام تحت ڊجيٽل اسڪلز جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي، صنعت ۽ واپار جي حوالي سان گبد، مند ۽ چيدگي ۾ گڏيل بارڊر مارڪيٽس، وشوڪ، ماشڪيل ۽ تربت ۾ کجورن جي پروسيسنگ جا پلانٽس، ماربل جي عالمي معيار جون صنعتون، خضدار ۾ زيتون جي تيل جا پلانٽ، گوادر ۾ ڪشتي بازي جي صنعت جو استحڪام ۽ جدت ۽ مائننگ جي جديد مشينري جي فراهمي جي منصوبن تي به اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته بلوچستان جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيحن مان هڪ آهي، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪا حڪومت قدرتي وسيلن ۽ باصلاحيت افرادي قوت مان ڀرپور صوبي بلوچستان تي ڌيان ڏئي رهي آهي، رستن جو ڄار، صنعتي ترقي سان روزگار جي فراهمي، زراعت جي ترقي ۽ بنيادي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائي رهيا آهيون.