گوادر – 05 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ماضي ۾ حڪومتن رڳو چونڊُون کٽڻ جي سياست ڪئي، نواز شريف لنڊن جا 24 دورا ڪيا جن مان 23 نجي هئا جڏهن ته ٻه ڀيرا به بلوچستان نه آيو، زرداري دبئي جا 51 دورا ڪيا ۽ هڪ ڀيرو به بلوچستان نه آيو، منهنجو مقصد چونڊُون کٽڻ نه آهي، قوم جي ترقي جي لاءِ ضروري آهي ته سڄي ملڪ کي گڏجي مٿي اٿاريو وڃي، صوبي جي عوام جي احساس محرومي جي خاتمي لاءِ رڪارڊ ترقياتي پئڪيج ڏنو، بلوچستان جي ناراض ماڻهن سان به ڳالهه ڪرڻ جو سوچي رهيو آهيان، سي پيڪ سان سڀ کان وڌيڪ فائدو بلوچستان کي ٿيندو، مقامي ماڻهن جي مفاد کي نظر ۾ رکيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مقامي اڳواڻن، شاگردن ۽ ڪاروباري شخصيتن کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته پارلياماني نظام ۾ سياسي پارٽين جي سياست اليڪشن کٽڻ هوندي آهي ۽ اهي هر اهو ڪم ڪنديون آهن جنهن سان اهي وڌيڪ سيٽون حاصل ڪري وزيراعظم بڻجي سگهن، ماضي ۾ نواز شريف ۽ آصف علي زرداري به اهو ئي ڪيو، انهن بلوچستان ۽ پٺتي پيل علائقن کي نظرانداز ڪيو. نواز شريف ڪرپشن سان جيڪو پئسو ٺاهيو اهو وڃي لنڊن ۾ گرميون گذاري ۽ هيرلڊز ۾ شاپنگ ڪري خرچ ڪندو هو. هن لنڊن جا 24 دورا ڪيا جن مان 23 نجي دورا هئا ٻه ڀيرا به بلوچستان نه آيو جڏهن ته آصف علي زرداري دبئي جا 51 دورا ڪيا ۽ هڪ ڀيرو به بلوچستان جو دورو نه ڪيو. وزيراعظم چيو ته ماصي جي حڪمرانن جا مقصد ۽ سوچ مختلف هئي جيڪو سياستدان اليڪشن بابت سوچي ٿو اهو بلوچستان بدران رڳو فيصل آباد ڊويزن تي ڌيان ڏي ٿو جنهن جون سيٽون بلوچستان کان به وڌيڪ آهن. اهڙي طرح وڌيڪ سيٽون حاصل ڪري انهن جي ڪوشش هوندي آهي ته وزيراعظم بڻجي وڃن جڏهن ته منهنجي ترجيح اليڪشن کٽڻ نه آهي پر عوامي خدمت آهي. وزيراعظم چيو ته آئون چاهيان ها ته لنڊن ۾ شاهاڻي زندگي گذاري سگهيس پئي پر مون قومي خدمت کي ترجيح ڏني. وزيراعظم چيو ته ماصي ۾ بلوچستان ۽ اڳوڻي فاٽا جي علائقن کي نظرانداز ڪيو ويو، انهن علائقن ۾ انسانن تي پئسو خرچ نه ڪيو ويو جنهن جي ڪري اهي علائقا ترقي جي ڊوڙ ۾ پٺتي رهجي ويا. ماضي جي حڪمرانن رڳو انهن علائقن تي ڌيان ڏنو جتي اليڪشن کٽي سگهيا پئي. وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن اهي سڄي پاڪستان تي ڌيان ڏين ها ته شايد ٻيهر به وزيراعظم بڻجي وڃن ها. هن چيو ته قومون رڳو اهڙي طرح ترقي ڪري سگهن ٿيون ته ملڪ جي مختلف علائقن کي گڏجي مٿي اٿاريو وڃي، ڪجهه علائقن کي نظرانداز ڪري ترقي نه ٿي ڪري سگهجي، الله تعاليٰ پاڪستان ۾ مختلف علائقن کي مختلف قسم جي وسيلن سان مالامال ڪيو آهي، مخصوص علائقن کي ترجيح ڏيڻ سان ملڪ اڳتي نه ٿو وڌي سگهي پر ماضي جا حڪمران رڳو انهن علائقن تي ڌيان ڏيندا هئا جتي اهي اليڪشن کٽي سگهندا هئا. هن چيو ته جيڪو به پاڪستان جو سوچيندو اهو بلوچستان جو ضرور سوچيندو، منهنجي خواهش هئي ته الله تعاليٰ مون کي جڏهن به موقعو ڏنو بلوچستان جي لاءِ ڪجهه ڪندس. هن چيو ته جڏهن پوري ملڪ بدران ڪجهه علائقن جي ترقي طرف ڌيان ڏنو وڃي ٿو ته ماڻهن ۾ احساس محرومي ۽ ڪاوڙ پيدا ٿئي ٿي، بلوچستان ان وقت ترقي ڪندو جڏهن بلوچستان ۾ امن ٿيندو ۽ بلوچستان جا ماڻهو اهو سوچيندا ته هي پاڪستان اسان جو به آهي ۽ اسان جي ضرورتن ۽ مشڪلاتن جو به خيال رکي ٿو ۽ اسان بابت به سوچي ٿو. وزيراعظم چيو ته اهڙي طرح اسان کي به فڪر نه هجڻ گهرجي ها ته بلوچستان ۾ شورش پکيڙيندڙ ماڻهو اچي ويا آهن جن جو ڪنهن به تحريڪ سان تعلق آهي، ٿي سگهي ٿو انهن جي اندر پراڻي زماني جون رنجشون هجن ۽ ڀارت انهن کي انتشار پکيڙڻ جي لاءِ استعمال ڪري. وزيراعظم چيو ته هو ناراض ماڻهن سان ڳالهيون ڪرڻ جو به سوچي رهيو آهي. هن چيو ته اسان مشڪل معاشي حالتن مان نڪري رهيا آهيون پر اڃا اسان وٽ ايترو پئسو نه آهي جو بلوچستان کي تمام گهڻو ڏئي سگهون. ٻين صوبن جون به ضرورتون آهن، سڀ کان وڌيڪ پئڪيج بلوچستان کي ڏنو آهي ڇو ته ماضي ۾ ان کي نظرانداز ڪيو ويو. بلوچستان سان نه رڳو مرڪز زيادتي ڪئي پر ان جي پنهنجي سياستدانن به عوام تي اهو پئسو صحيح طريقي سان خرچ نه ڪيو، جيڪو انهن کي مليو جنهن جي ڪري عوام جي احساس محرومي ۾ اضافو ٿيو. وزيراعظم چيو ته اسان سڀ کان وڌيڪ پئسو گوادر جي لاءِ ڏنو، اها شروعات آهي گوادر ۾ صاف پاڻي جا پلانٽ لڳي رهيا آهن، 300 بسترن جي ٽيچنگ اسپتال ٺهي رهي آهي جنهن ۾ تربيت يافته عملو موجود هوندو. هن چيو ته صدين کان هتان جي ماڻهن جو روگار ماهگيري سان واڳيل آهي پر وڏا وڏا ماهيگير ٽرالر کڻي اچن وڃن ٿا جنهن تي اسان پابندي لڳائي ڇڏي آهي، چين کي ان تي ڪو اعتراض نه هوندو ڇو ته قانون جي پابندي سڀني جي لاءِ آهي جيڪو پاڪستاني چين ۾ قانون جي پابندي نه ٿو ڪري ان کي سزا ملي ٿي. وزيراعظم چيو ته ڪامياب جوان پروگرام تحت ماهگيرن جي لاءِ 10 ارب رپيا رکيا آهن، ان جي ذريعي اهي پنهنجي ٻيڙين کي بهتر بڻائي سگهندا ۽ ماهگيري جي لاءِ اوازار خريد ڪري سگهندا. 5 ارب رپيا ان منصوبي تي خرچ ڪيا ويا آهن. وزيراعظم چيو ته گهرن جي تعمير جي پروگرام تحت گوادر مان 4 هزار درخواستون مليون آهن ان سلسلي ۾ 200 ايڪڙ زمين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جنهن تي اڍائي هزار گهر تعمير ڪيا ويندا، احساس اسڪالرشپ تحت 4698 نوجوانن کي اسڪالرشپس ڏنيون وينديون. وزيراعظم چيو ته بلوچستان ۾ آبادي پکڙجي رهي آهي جنهن جي ڪري ڪميونيڪيشنز ۽ ڪنيڪٽيوٽي جو مسئلو آهي، سڄي بلوچستان ۾ ٿري جي ۽ فور جي ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، 40 سيڪڙو علائقي کي ڪور ڪري ورتو آهي ان کي وڌيڪ واڌ ڏيڻ چاهيون ٿا. ٿري جي ۽ فور جي سان نوجوان ۽ عورتون گهر ويٺي به روزگار ڪمائي سگهن ٿا، ان سان روزگار جا تمام گهڻا موقعا پيدا ٿيندا. وزيراعظم چيو ته اسان جي حڪومت جيئن جيئن معيشت بهتر ٿيندي ويندي ۽ آمدني وڌندي ويندي بلوچستان جي لاءِ هر سال پنهنجو حصو وڌائيندي رهندي. احساس محرومي ۽ پٺتي رهجي وڃڻ جو احساس بلوچستان مان ختم ڪرڻ پاڪستان جي لاءِ ضروري آهي. هن چيو ته سي پيڪ سان سڀ کان وڌيڪ فائدو بلوچستان کي ٿيندو، جيئن جيئن صنعتون اينديون ترقي ايندي ۽ بلوچستان کي فائدو ٿيندو. گوادر جي علائقي جون حالتون بدلجي وينديون. وزيراعظم چيو ته سوئي گئس بلوچستان ۾ سئي واري هنڌ دريافت ٿيو پر مقامي ماڻهن کي ان جو فائدو نه ٿيو پر اڳتي ائين نه ٿيندو، مقامي ماڻهن جو مفاد سڀ کان اڳ ۾ نظر ۾ رکيو ويندو.