
اسلام آباد – 04 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان دنيا تي واضح ڪيو آهي ته 23 جون تي لاهور ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي واقعي جون ڪڙيون ڀارت سان ملن ٿيون، دهشتگردن جا نالا ۽ رڪارڊ اسان وٽ موجود آهي، حملي جي ماسٽر مائنڊ ۽ هينڊلر جو تعلق ڀارت سان آهي، دنيا پاڻمرادو ان جي جاچ ڪري، ان کان اڳ به دنيا کي پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾ ڀارت جي سڌوسنئون ملوث هجڻ جي حوالي سان ڊوزيئر ڏئي چڪا آهيون، وزيراعظم جو حڪم آهي ته ان واقعي جي حوالي سان جيڪو به سياسي ۽ قانوني طريقو موجود آهي، اهو استعمال ڪيو وڃي، ڀارت دهشتگردن جي تربيت ۽ انهن کي مالي مدد پڻ فراهم ڪري رهيو آهي، ڀارت جو اصل چهرو هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا جي آڏو آڻينداسين. وزيراعظم آفيس ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، وزيراعظم جي قومي سلامتي واري خاص معاون ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ انسپيڪٽر جنرل پوليس پنجاب انعام غني چيو ته ڀارت پاران پاڪستان ۾ دهشتگردي جي اسپانسرشپ جا ٺوس ثبوت موجود آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان ڊگهي عرصي تائين دهشتگردي جي خلاف جنگ وڙهي آهي، ان حوالي سان منظرنامو سڀني جي سامهون آهي، ڪلڀوشن ياديو جي گرفتاري پاڪستان ۾ ڀارتي مداخلت جي مضبوط شهادت هئي، بدقسمتي سان تسلسل سان اهڙن واقعن ۾ ڀارت جي اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت پاڪستان ۾ دهشتگردي جي نيٽ ورڪ کي سپورٽ ڪري رهي آهي. هن چيو ته آءِ جي پنجاب مبارڪباد جو مستحق آهي جنهن لاهور ڌماڪي کانپوءِ سيڪيورٽي فورسز ۽ انٽيليجنس ادارن جي گڏيل ڪوششن سان ان ڌماڪي ۾ ملوث ماڻهن تائين پهتو ۽ ان ۾ اها تصوير واضح طور تي سامهون آئي ته ڀارت ان واقعي ۾ سڌوسنئون ملوث رهيو. هن چيو ته اها گينگ اسان جي قبضي ۾ آهي، جهڙي طرح اهي ماڻهو پڪڙيا ويا ان ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ۽ ڳجهن ادارن جي وچ ۾ ويجهي تعلق جي ڪري اها ڪاميابي ملي، ان تي سڀني کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا. وزيراعظم جي قومي سلامتي واري خاص معاون ڊاڪٽر معيد يوسف چيو ته اسان وٽ ان دهشتگرد حملي جي حوالي سان ملوث نيٽ ورڪ جو سمورو رڪارڊ موجود آهي، بئنڪن مان انهن کي موڪليل رقم جا تفصيل موجود آهن، ان واقعي جون سموريون ڪڙيون ڀارت پاران پاڪستان جي خلاف دهشتگردي جي اسپانسرشپ ملن ٿيون، ان جو ماسٽر مائنڊ ڀارتي شهري آهي جنهن جو ڀارتي ڳجهي ايجنسي را سان تعلق آهي، اهو ڀارت ۾ رهي ٿو ۽ اهو جعلي نالي سان ڪم ڪري رهيو هو، ان جي اصل سڃاڻپ به اسان وٽ موجود آهي. هن چيو ته ڀارت پاران اها ڪارروائي پهريون ڀيرو ناهي ڪئي وئي، اسان بار بار اهو چوندا آيا آهيون ته ڀارت پاڪستان جي خلاف دهشتگردي ۾ ملوث آهي. هن چيو ته جنهن ڏينهن اهو حملو ٿيو ان ڏينهن ڀارت پاران پاڪستان جي انويسٽيگيشن انفراسٽرڪچر تي هزارين حملا ڪيا ويا، اهي حملا ان لاءِ ڪيا ويا ته انهن کي خدشو هو ته اسان دهشتگردي جو نيٽ ورڪ بي نقاب ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، هو ان ۾ رڪاوٽون وجهڻ چاهيندا هئا جڏهن ته وقت سر ڪارروائي جي ڪري انهن کي وقت نه مليو ۽ اسان جا ادارا ان جي تهه تائين وڃڻ ۾ ڪامياب رهيا. هن چيو ته جوهر ٽائون واقعي کانپوءِ ڄمون ۾ ڊرون حملن جو ڊرامو رچايو ويو، اهو به انهي منصوبابندي جو حصو هو. هن چيو ته ان واقعي ۾ ملوث ڀارت بطور رياست ملوث آهي، گذريل سال نومبر ۾ اسان پاڪستان ۾ ڀارتي مداخلت جي حوالي سان ٺوس ڊوزيئر دنيا کي ڏنو هو، ان ۾ ڀارتي بئنڪن مان پئسن جي منتقلي، فون جي استعمال جا تفصيل پڻ ڏنا ويا هئا. هن چيو ته ڀارت دهشتگردي جي سڌوسنئون فنانسنگ ڪري رهيو آهي، ان واقعي جي منصوبابندي ڀارت جڏهن ته ٽئين ملڪ ذريعي پئسا موڪليا ويا. هن چيو ته فيٽف ۾ پاڪستان کي گري لسٽ ۾ وجهندڙ ڀارت جي ان عمل تي پڻ نظر وجهون، ڇا انهن کي ان کان وڌيڪ ثبوت گهربل آهن. هن چيو ته ان واقعي ۾ استعمال ٿيندڙ افغان پناهگير عيد گل وٽ پاڪستان جو سڃاڻپ ڪارڊ به موجود آهي، 30 لک افغاني پاڪستان ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان رهي رهيا آهن، انهن جي اڪثريت پرامن ۽ قانون تي عمل ڪرڻ واري آهي، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته انهن کي باعزت طور انهن جي وطن واپسي جي لاءِ عالمي سطح تي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اهڙيون ڪارروايون انهن کي به متاثر ڪن ٿيون، انهن جي به ان سان بدنامي ٿئي ٿي. هن چيو ته پاڪستان ان واقعي جي حوالي سان سمورا قانوني ۽ سياسي طريقا استعمال ڪندي دهشتگردي جي عالمي نيٽ ورڪ کي منظرعام تي آڻيندو، وزيراعظم جي به ان حوالي سان واضح هدايت آهي. ڊاڪٽر معيد يوسف چيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر اسان ڀارت جو اصل چهرو دنيا آڏو آڻينداسين، ائين نه ٿو ٿي سگهي ته هڪ طرف ڀارت اڳتي وڌڻ جي ڳالهه ڪري ۽ ٻئي طرف هو اهڙيون ڪارروايون ڪري، اسان فرانزڪ جائزي سان ان واقعي جي ماسٽر مائنڊ تائين پهچي چڪا آهيون، هو ڀارتي شهري آهي، اسان دنيا کي تسلسل سان پاڪستان ۾ ڀارتي مداخلت کان آگاهه ڪندا رهيا آهيون، سوين ڊس انفوليب سان ڀارت پاڪستان جي خلاف پروپئگنڊه ڪندو رهيو، اهو رياستي اسپانسپرشپ جو واضح مثال آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته عالمي دهشتگردي جي نيٽ ورڪ کي بي نقاب ڪرڻ جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا وڃن. هن چيو ته دنيا ان ڏس ۾ تعميري ۽ قانوني ڪردار ادا ڪري جنهن سان هن خطي جو امن ڳنڍيل آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته گذريل سال پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جي حوالي سان عالمي برادري کي ڏني ويندڙ ڊوزيئر تي دنيا پاران موثر جواب نه مليو ۽ خاموشي رهي جڏهن ته دنيا جواب ڏي يا نه ڏي، اسان ڀارت جو اصل چهرو دنيا آڏو بار بار ڏيکاريندا رهنداسين، دنيا جو ڀارت سان مفاد واڳيل آهي، ان لاءِ ان ڊوزيئر تي ڪو جواب نه ڏنو، اسان به انهن قدمن تي خاموش نه رهنداسين، هن ڀيري اسان کي وڌيڪ ٺوس ثبوت مليا آهن، حڪومت سمورا قانوني رستا استعمال ڪندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڀارت پاران ڊرون حملي جو ڊرامو رچايو ويو، اهو ڪهڙو ڊرون حملو هو جنهن ۾ ڪو جاني نقصان نه ٿيو، ان ۾ نقطو اهو آهي ته ڀارت پاران ڪيترائي ڀيرا دنيا کي ائين بيوقوف بڻايو ويو، دنيا جي واچ ڊاگز جو اهو ڪردار آهي ته اهي ان صورتحال کي ڏسي دهشتگردي ۾ ملوث ملڪ تي پابنديون لڳائي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته 30 لک افغان پناهگير ڪيترن ئي ڏهاڪن کان هتي موجود آهن، جيتري ميزباني پاڪستان انهن جي ڪئي آهي، ان جو دنيا ۾ مثال نه ٿو ملي، انهن جي اڪثريت پرامن ۽ قانون تي عمل ڪرڻ واري آهي، جڏهن ته اهڙا عنصر هتي انهن سان گڏ پناهه وٺن ٿا انهن جي ڪري سڀني پناهگيرن کي تنگ نه ٿا ڪري سگهون. هن ٻڌايو ته پاڪستان جي اها پوري ڪوشش رهندي ته افغانستان جي مسئلي جو حل سياسي مفاهمت سان ٿئي، جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته پوءِ گهرو ويڙهه جو خطرو آهي. افغانستان ۾ تازي گهرو ويڙهه جي نتيجي ۾ افغان پناهگيرن جي آڙ ۾ دهستگردن جي پاڪستان اچڻ جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان افغانستان جي سرحد تي خاردار تار لڳائڻ سميت ٻيا قدم کنيا آهن، 15 سال اڳ دهشتگردي جي جيڪا لهر هئي، هاڻي اهڙو خطرو نه آهي، هاڻي اسان جي انٽيليجنس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا مضبوط ٿي چڪا آهن، ان لاءِ پريشاني جي ڪا ڳالهه نه آهي. هن چيو ته دنيا جوهر ٽائون واقعي جي پاڻمرادو جاچ ڪري ته ان ۾ ڪير ملوث آهي. ان موقعي تي آءِ جي پنجاب انعام غني چيو ته 23 جون تي جوهر ٽائون ڌماڪي ۾ ٽي اهلڪار شهيد جڏهن ته آفيسرن سميت 22 اهلڪار زخمي ٿيا، ان ۾ 12 گاڏيون ۽ 7 گهر متاثر ٿيا، ان واقعي جي فوري بعد سي ٽي ڊي ٻين ادارن سان گڏجي جاچ شروع ڪئي ۽ 16 ڪلاڪن جي اندر ان ۾ ملوث دهشتگردن تائين پهچي وئي، ان دهشتگرد حملي جي فنانسنگ ۽ منصوبابندي پاڪستان کان ٻاهر ٿي، پاڪستان ۾ موجود 5 ماڻهن ان ڪارروائي کي عملي جامعو پارايو، ان ۾ ڪراچي جو رهندڙ 55 سالا پاڪستاني پيٽر جيڪو گهڻو عرصو ٻاهرئين ملڪ رهيو آهي ۽ ان جا ٻاهر به رابطا رهيا، هن گاڏي جو انتظام ڪيو، اها گاڏي 2010ع ۾ ڦري وئي جڏهن ته بعد ۾ سپرداري تي ڏني وئي، ان واقعي کانپوءِ جاچ دوران ٻاهران ٿيندڙ ڪالز ۽ وٽس ايپ جي تفصيلن سان افغان شهري عيد گل جيڪو گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان افغان پناهگير طور پاڪستان ۾ رهيل آهي، هن ان گاڏي ۾ بارود رکيو ۽ گاڏي تيار ڪئي، ان ۾ سندس گهرواريءَ به ان جي مددگار هئي. هن لاهور ۾ ان واقعي کان اڳ ان علائقي جي مڪمل ريڪي ڪئي، هو 21 جون تي ان گاڏي تي ان پوري علائقي ۾ گهمندو رهيو، 22 جون تي هو رڪشا تي ٻيهر هتي ريڪي ڪندو رهيو. عيد گل پنهنجي سڄي عمر پنجاب ۾ گذاري ۽ هو بهترين پنجابي ڳالهائي ٿو. 23 جون تي هو اسلام آباد کان موٽروي ذريعي اها گاڏي کڻي لاهور روانو ٿيو، هن 12 ڪلاڪ موٽروي تي گذاريا، ساڍي چار وڳي گاڏي ڌماڪي واري علائقي ۾ هڪ تعمير هيٺ گهر آڏو بيهاري، هتي پوليس جي چوڪي ۽ پوليس موبائيل به بيهي ٿي، هن گاڏي انهن جي وچ ۾ بيهاري، ان گاڏي ۾ 20 ڪلوگرام بارود رکيو ويو هو، ڌماڪي سان گاڏي مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي. هن ٻڌايو ته عيد گل سان گڏ پيٽرپال ڊيوڊ، ضياءَ الله ۽ عائشه گل به شامل هئي، اهي سڀ حراست ۾ آهن، ان واقعي جي حوالي سان وڌيڪ جاچ به ڪئي پئي وڃي، انهن جو بئنڪ رڪارڊ موجود آهي. هن چيو ته جهڙي طرح ان واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي پڪڙيو ويو اهو ايجنسين پاران شاندار ڪارروائي جو هڪ مثال آهي. هن ان موقعي تي ڏوهارين جي وچ ۾ پشتو ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه پڻ ٻڌرائي. هڪ سوال جي جواب ۾ انعام غني چيو ته وزيراعظم انٽيليجنس ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو افتتاح ڪيو، هتي هڪ سيل ٺاهيو ويو آهي جنهن ۾ سموريون ايجنسيون گڏجي ڪم ڪن ٿيون، هڪ ٻئي سان معلومات جي مٽاسٽا ٿئي ٿي، جوهر ٽائون واقعي جي ڏوهاري عيد گل جا ٻه ڀاءُ ۽ والد فورٿ شيڊيول تي نگراني ۾ آهن، پاڪستاني سڃاڻپ ڪارڊ هجڻ جي ڪري عيد گل نگراني هيٺ نه هو.