اسلام آباد – 04 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جوهر ٽائون لاهور ڌماڪي جون ڪڙيون ڀارت جي پاڪستان مخالف اسپانسر دهشتگردي سان ڳنڍيل آهن، ادارن جي بهتر ڪوآرڊينيشن سان دهشتگردن جي نيٽ ورڪ تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿياسين، عالمي برادري کي دهشتگردي جي خلاف ادارن کي متحرڪ ڪرڻو پوندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پنهنجي ٽيم کي جوهر ٽائون ڌماڪي تي قوم کي آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي، ثبوتن جو پتو لڳائڻ تي پنجاب پوليس جي دهشتگردي جي خاتمي واري اداري (سي ٽي ڊي) جي صلاحيت ۽ ڪارڪردگي ساراهه جوڳي آهي، سول ۽ عسڪري ادارن جو گڏيل تعاون ساراهه جوڳو آهي، اها ڪوآرڊينيشن دهشتگردن جي سڃاڻپ ۽ عالمي سطح تي انهن جي رابطن کي بي نقاب ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي، لاهور ڌماڪي جون ڪڙيون به پاڪستان مخالف دهشتگرد نيٽ ورڪ سان ڳنڍيل آهن. هن چيو ته عالمي برادري کي دهشتگردن جي خلاف ادارن کي متحرڪ ڪرڻو پوندو.