
ڪراچي – 13 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته سنڌ حڪومت عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، هر 5 سالن کانپوءِ پيپلزپارٽي مان ڪنهن هڪ شخص کي رٻڙ اسٽيمپ طور وزيراعليٰ هائوس ۾ ويهاريو وڃي ٿو، ان وٽ فيصلي ڪرڻ جو اختيار ناهي هوندو، سڄو اختيار ان وٽ آهي جيڪو سنڌ اسيمبلي ۾ نه بلاول هائوس ۾ ويهي ٿو، سنڌ جي ضلعن کي فنڊز جاري نه پيا ڪيا وڃن، زرداري خاندان سنڌ اسيمبلي کي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ حڪومت ۾ ايتري اهليت نه آهي جو اها امن امان جي لاءِ سنڌ پوليس کي اپ گريڊ ڪري سگهي، مسلم ليگ (ن) اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي مخالفت ڪئي، چونڊ سڌارن کان اهي پري ڀڄي رهيا آهن، (ن) ليگ جو ايندڙ اليڪشن ۾ به ڪو مستقبل نه آهي، ايندڙ 7 سال انهن جو مستقبل اهو ئي هوندو ته اهي ماڻهو بينر کڻي هڪ ڪنڊ ۾ بيٺل هوندا، جن تي لکيل هوندو ته حڪومت نامنظور، اليڪشن نامنظور، انهن کي خطاطي سکي ڇڏڻ گهرجي ته جيئن بينر لکڻ جي لاءِ انهن جو خرچ ۽ وقت بچي سگهي، پيپلزپارٽي جي دور ۾ ادارن کي برباد ڪيو ويو، اسان 60 کان وڌيڪ ادارن جا سربراهه ميرٽ تي لڳايا، اڄ ادارا پنهنجي پيرن تي بيهي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.