
فيصل آباد – 13 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان واعدي موجب عوام دوست بجيٽ ڏني آهي، مزدور، آبادگار، ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ سميت هر طبقو بجيٽ کي بهترين قرار ڏئي رهيو آهي، 40 کان 60 لک خاندانن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ جي لاءِ ڪامياب پاڪستان پروگرام شروع ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ هر خاندان کي 5 لک، گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي گهر ٺاهڻ جي لاءِ 20 لک رپيا، آبادگار کي هر فصل جي لاءِ ڏيڍ لک، هيلٿ ڪارڊ جي فراهمي هر خاندان مان هڪ شخص کي فني تربيت جي فراهمي، مشينري جي لاءِ 2 لک بنا وياج جي قرض ڏنو ويندو، اها سهولت حقيقي معنيٰ ۾ هيٺئين سطح تي گيم چيمبر ثابت ٿيندي، وڏين صنعتن جي ترقي 12.5 سيڪڙو، مٽاسٽا جي ناڻي ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي. هو سرڪٽ هائوس فيصل آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.