اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مخالف ڌر ڪنهن نظريي نه پر پنهنجي ڪرپشن بچائڻ جي لاءِ گڏ ٿي آهي، پنهنجي خلاف ڪرپشن جا ڪيس ختم ڪرائڻ جي لاءِ بليڪ ميل ڪري رهيا آهن، انهن جو خيال هو ته حڪومت ان معاشي بحران مان نه نڪري سگهندي جيڪو هي ڇڏي ويا ۽ ٻڏي ويندي، اسان مشڪل وقت مان نڪري آياسين، سمورا اقتصادي انگ اکر مثبت نشاندهي ڪري رهيا آهن، ملڪ معاشي طور تي اڳتي وڌي رهيو آهي، حڪومت جون معاشي ڪاميابيون ڏسي مخالف ڌر گهٻرايل آهي، هلندڙ مالي سال دوران هيستائين 4143 ارب رپين جي ٽيڪس اوڳاڙي ٿي آهي، اندازو آهي ته واڌويجهه جي شرح هلندڙ مالي سال دوران 4.5 سيڪڙو تائين ويندي، پنجاب پوليس کي به ٺيڪ ڪنداسين، ڪنهن جي زمين تي جيڪڏهن قبضو آهي ته سٽيزن پورٽل تي شڪايت ڪري، واپس ڏيارينداسين، پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ اسلام آباد جي زمين جو رڪارڊ آگسٽ تائين مڪمل ڪمپيوٽرائيزڊ ٿي ويندو، عدالتن مان ڪيسن جا جلد فيصلا ڪرائڻ جي لاءِ عدليه جي مشاورت سان قانون ٺاهيو ويندو، راولپنڊي رنگ روڊ انڪوائري جو نتيجو ٻن هفتن ۾ اچي ويندو، ڀارت ۽ اسرائيل ظلم ذريعي ڪشميرين ۽ فلسطينين کي نه ٿا دٻائي سگهن، جيڪڏهن ڀارت سان لاڳاپا معمول تي آندا ته اها ڪشميرين سان غداري ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”توهان جو وزيراعظم توهان سان گڏ“ پروگرام دوران شهرين پاران ٽيليفون تي پڇيل سوالن جا جواب ڏيندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته هر مشڪل کانپوءِ آساني آهي، الله تعاليٰ کي اهڙو شخص تمام گهڻو پسند آهي جيڪو مشڪل ۾ صبر ڪري، زندگي لاهن چاڙهن جو نالو آهي، يڪدم ڪا ڪاميابي حاصل نه ٿي ٿي سگهي، رڳو قصي ۽ ڪهاڻين ۾ ائين هوندو آهي ته يڪدم سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي وڃي پر عام زندگي ۾ ڪاميابي جي لاءِ جدوجهد ۽ صبر سان اڳتي وڌڻو هوندو آهي، مشڪل وقت ۾ سکڻ سان ئي انسان اڳتي وڌندو آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته جڏهن اسان حڪومت سنڀالي ته ملڪ کي مشڪل صورتحال درپيش هئي، اسان کي ورثي ۾ تمام گهڻا مسئلا مليا، ڪنهن به حڪومت کي ايترو وڏو خسارو نه ئي قرضن جو ايترو وڏو بار ورثي ۾ مليو جيڪو اسان کي درپيش هو، اسان کي ملڪ به هلائڻو هو ۽ قرضن جون وڏيون قسطون به ادا ڪرڻيون هيون، مون پهرين ڏينهن ئي قوم کي چيو هو ته اسان کي مشڪل صورتحال مان گذرڻو پوندو ڇو ته اسان ڏيوالپڻو ٿيڻ وارا هئاسين. وزيراعظم چيو ته مخالف ڌر کي 4 سيڪڙو گروٿ ريٽ جي ڪا اميد نه هئي، آزاد ماهرن جو خيال آهي ته اها 4 سيڪڙو کان به مٿي ويندي.