اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ معيشت جو جيڪو حشر ڪيو ان جي نتيجي ۾ معاشي تڪليفن کي منهن ڏيڻو پيو، هڪ ڊگهي انتظار کانپوءِ معاشي پاليسين جا مثبت نتيجا سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن، ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو چار هزار ارب رپين کان وڌيڪ ٽيڪس گڏ ٿيو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين معيشت کي پيرن تي بيهارڻ جي ان ڪوشش ۾ ڀرپور حصو وڌو ۽ 1000 ارب رپيا پاڪستان موڪليا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪڻڪ، چانور، ڪمند ۽ مڪئي جي تاريخي پيداوار ٿي، زرعي معيشت ۾ 1100 ارب رپيا منتقل ٿيا، ان سان آبادگارن جي قوت خريد ۾ ڀرپور اضافو ٿيو. ٽريڪٽر 64 سيڪڙو وڌيڪ وڪرو ٿيا، ڀاڻ ۽ زرعي دوائن جي استعمال ۾ اضافو ٿيو. هن چيو ته اسٽاڪ مارڪيٽ 27 مئي تي 2.21 ارب شيئرز جي خريد ۽ وڪري سان نئون رڪارڊ قائم ڪيو.