اسلام آباد – 02 اپريل (اي پي پي) هندستان کان ڪپهه ۽ کنڊ جي درآمد جي حوالي سان اقتصادي رابطا ڪميٽي جي سفارشن تي وزيراعظم عمران خان پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ ٻين ڪابينا جي ميمبرن سان مشاورت کانپوءِ انهن سفارشن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته پاڪستان موجوده حالتن ۾ ڀارت سان ڪنهن به قسم جو واپار نه ڪندو. پاڪستان جو مسلسل اهو موقف رهيو آهي ته ڀارت سان اڳتي وڌڻ لاءِ ضروري آهي ته ڀارت پاران سازگار ماحول فراهم ڪيو وڃي ۽ 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفي ۽ غير قانوني قدمن تي نظرثاني ڪري. وزيراعظم حڪومتي معاشي ٽيم کي هدايت ڪئي آهي ته درآمدات جي متبادل ذريعن جي حوالي سان لاڳاپيل شعبن جي سهولتڪاري لاءِ فوري طور تي قدم کنيا وڃن، ان ڳالهه جي نشاندهي ضروري آهي ته حڪومت جي مروجه قاعدن ۽ ضابطن موجب مختلف تجويزون اقتصادي رابطا ڪميٽي جي سامهون پيش ڪيون وينديون آهن جنهن تي معاشي ۽ اقتصادي نقطه نظر سان غور ڪيو ويندو آهي.