APP28-030421 ISLAMABAD: April 03 - Advisor to Prime Minister on Accountability and Interior Shahzad Akbar addressing a press conference. APP

اسلام آباد – 03 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي احتساب ۽ گهرو معاملن واري صلاحڪار بئريسٽر شهزاد اڪبر چيو آهي ته ڪنهن پنهنجي جو احتساب ڪرڻ تڪليف ڏيندڙ عمل آهي پر اهو ئي درست عمل آهي، شگر ڪميشن جي رپورٽ جي ڏس ۾ شگر مافيا جي خلاف قانون موجب ڪارروائي ٿي رهي آهي، نه ئي ڪنهن کي نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ نه ئي ڪنهن کي تحفظ فراهم ڪيو پيو وڃي، سٽي بازن جي 392 بي نامي اڪائونٽس مان 667 ارب رپين جي ڏيتي ليتي جي خبر پئي انهن کي منجمند ڪيو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو.