APP45-020421 ISLAMABAD: April 02 - Prime Minister Imran Khan chairing a meeting on development & connectivity projects for Gilgit-Baltistan. APP

اسلام آباد – 02 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت گلگت بلتستان جي ترقي لاءِ پرعزم آهي، گلگت بلتستان جي ترقي لاءِ تاريخي ترقياتي پيڪيج سان علائقي ۾ تعمير ۽ ترقي جو نئون باب روشن ٿيندو، گلگت بلتستان ۾ سياحت جي فروغ لاءِ ضروري آهي ته ان علائقي ۾ ٿري جي ۽ فور جي سروسز جي دستيابي هجي. هن اهڙن خيالن جو اظهار هتي گلگت بلتستان ۾ مواصلاتي رابطن ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير علي امين گنڊاپور، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير امين الحق، گلگت بلتستان جي وڏي وزير محمد خالد خورشيد ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اترين علائقن ۾ مواصلاتي رابطن ۽ انٽرنيٽ جي سهولت ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ جي حوالي سان مختلف منصوبن ۽ لاڳاپيل معاملن تي غور ڪيو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته موجوده حڪومت گلگت بلتستان جي ترقي جي لاءِ پرعزم آهي، هن چيو ته گلگت بلتستان جي ترقي جي لاءِ تاريخي ترقياتي پيڪيج جي منظوري ڏني وئي آهي جنهن سان علائقي ۾ تعمير ۽ ترقي جو نئون باب روشن ٿيندو.