APP79-040221 ISLAMABAD: February 04 - Prime Minister Imran Khan chairs meeting on Governance and Human Resource Development under priority sectors. APP

اسلام آباد – 04 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومتي نظام ۾ سڌارن جو بنيادي مقصد عوام جي لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ ۽ انصاف جي فراهمي يقيني بڻائڻ آهي، شهرين جي مسئلن جي حل جي حوالي سان آفيسرن ۽ لاڳاپيلن جي لاءِ جزا ۽ سزا جو نظام لاڳو ڪيو وڃي، قبضا مافيا جي خلاف ايڪشن جي حوالي سان ميڊيا جي ذريعي عوام کي مسلسل آگاهه رکيو وڃي، هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٽائيم لائينز تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ان حوالي سان مون کي مسلسل آگاهه رکيو وڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار حڪومتي نظام جي حوالي سان ترجيحي شعبن ۽ ٻاهرئين ملڪن ۾ پاڪستاني افرادي قوت ۾ اضافي جي حوالي سان کنيل قدمن بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ حڪومتي نظام ۾ بهتري آڻڻ، موجوده قانونن ۾ ترميمون ۽ لاڳو، عام شهرين کي انصاف جي فراهمي ۽ پوليس جي نظام ۾ بهتري آڻڻ سان گڏوگڏ ٻاهرئين ملڪن ۾ پاڪستاني افرادي قوت ۾ اضافي جي حوالي سان سان کينل قدمن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. پنجاب جي چيف سيڪريٽري، خيبرپختونخواهه جي چيف سيڪريٽري ۽ اسلام آباد جي چيف ڪمشنر وزيراعظم کي گورننس ۾ بهتري جي حوالي سان کنيل قدمن تي تفصيلي بريفنگ ڏني، شهرين جي شڪايتن جي ازالي، کليل ڪچهريون منعقد ڪرڻ، روينيو سان لاڳاپيل معاملن جي جلد کان جلد حل، سروس ڊيليوري جي بهتري، اختيارن جي تفويض ۽ هيٺئين سطح تي منتقلي، ٽيڪنالاجي جي استعمال جي فروع، شهرن ۾ صفائي سٿرائي، عوام جي اعليٰ عملدارن تائين آسان پهچ ۽ شهرين جي سهولتن لاءِ کنيل ٻين قدمن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. صوبائي سطح تي سول پروسيجر ڪوڊ ۾ ترميم ۽ خاص طور تي وراثت جي قانونن ۾ ترميم ڪري عورتن کي ملڪيتن ۾ انهن جو قانوني حق ڏيارڻ جي عمل کي آسان بڻائڻ جي حوالي سان اڳڀرائي تي پڻ اجلاس کي بريف ڪيو ويو.