
اسلام آباد – 04 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيف سيڪريٽريز کي هدايت ڪئي آهي ته سمورن ضلعن جي انتظاميا ۽ ڊپٽي ڪمشنرز کي غيرقانوني قبضن ۽ قبضا مافيا جي خلاف ڪارروائي جي لاءِ خاص هدايت ڏني وڃي. قبضا مافيا جي سرپرستي يا ان سان گڏجي ملي ڀڳت ڪندڙ آفيسرن ۽ اهلڪارن جي خلاف به ڪارروائي يقيني بڻائي وڃي. هن اها هدايت هائوسنگ، تعميرات ۽ ڊيولپمينٽ جي هفتيوار اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. اجلاس ۾ تعميراتي شعبي جي فروغ ۽ خاص طور تي غيرقانوني هائوسنگ سوسائٽين ۽ عوام خاص طور تي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين سان ٿيندڙ فراڊ جي روڪٿام جي حوالي سان قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ اخوت جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر محمد امجد ثاقب وزيراعظم کي ٻڌايو ته غريب ترين ماڻهن کي انهن جي ذاتي گهرن جي تعمير ۾ مدد ڏيڻ جي حوالي سان اخوت جي ذريعي حڪومت پاران 5 ارب رپيا رکيا ويا هئا. انهن 5 ارب رپين مان هيستائين 3.35 ارب رپيا استعمال ۾ آندا ويا آهن جن جي نتيجي ۾ 7572 گهر تعيمر ٿي چڪا آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هيستائين ورهايل رقم جي ريڪوري جو تناسب سئو سيڪڙو رهيو آهي. اها رقم وڌيڪ ماڻهن کي فراهم ڪئي پئي وڃي ته جيئن اهي پنهنجو گهر ٺاهڻ جو خواب پورو ڪري سگهن. وزيراعظم اخوت ماڊل جي ڪاميابي کي ساراهيو. آءِ جي پنجاب غيرقانوني قبضا مافيا جي خلاف ايڪشن جي حوالي سان اجلاس کي ٻڌايو ته سال 2009ع کان 2021ع تائين 906 ريفرنس التوا هيٺ هئا. حڪومت جي هدايتن موجب انهن سمورن ريفرنسز جو جائزو وٺي هيستائين 895 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. قبضا مايا جي خلاف ڪاررواين جي حوالي سان آءِ جي پنجاب ٻڌايو ته هيستائين 41 ملڪيتون آزاد ڪرايون ويون آهن.