
اسلام آباد – 04 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته سياحت جو فروغ وزيراعظم عمران خان جي ترجيحن ۾ شامل آهي، بدقسمتي سان ماضي ۾ ان شعبي کي نظرانداز ڪيو ويو، پاڪستان پرامن ملڪ آهي، اسان جي اترين علائقن سميت سڄي ملڪ جا سياحتي علائقا سڄي دنيا جي سياحن جي ميزباني جي لاءِ تيار آهن. هو اسلام آباد ٽوئرازم فيسٽيول جي لانچنگ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته هتي شريڪ ٿي حقيقي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان، هي هڪ اهڙو قدم آهي جنهن سان ڪيترائي شعبا فائدو کڻندا، ملڪ ۾ سياحت جو شعبو مڪمل طور تي بحال ٿي چڪو آهي. هن چيو ته بنيادي طور تي وزيراعظم عمران خان سياحت جي شعبي کي جيڪا اهميت ڏني آهي ماضي ۾ ان جو مثال نه ٿو ملي، ان جي دلي خواهش ۽ ڪوشش آهي ته ملڪ ۾ سياحت ۽ ان سان واڳيل سرگرميون تيز ٿين. هن چيو ته دنيا ۾ سياحت کان بهتر ڪا سفارتڪاري نه آهي، اسان جي ملڪ ۾ خوبصورت جايون آهن جن جي سياحت دهشتگردي جي لهر جي ڪري متاثر ٿي هئي پر اسان جي هٿياربند فوج، سيڪيورٽي فورسز ۽ عوام جي قربانين سان ملڪ ۾ ٻيهر امن قائم ٿي چڪو آهي. هن چيو ته دنيا جا ماڻهو پاڪستان اچن، سياحت جي ترقي سان روزگار جا موقعا کلندا ۽ نوجوانن کي اڳتي اچڻ جا موقعا ملندا، اسان اهڙو ماحول ڏينداسين جو سڄي دنيا مان ماڻهو ايندا. هن چيو ته اهڙيون سرگرميون ملڪ جي تشخص کي اجاگر ڪن ٿيون. هن چيو ته ملڪ جي مختلف حصن ۾ پيرا گلائيڊنگ (ڇتري برداري) ۾ نوجوان نسل جي وڌندڙ دلچسپي انهن جي مثبت سرگرمين جو واضح ثبوت آهي، ان سان نه رڳو پيرا گلائيڊنگ کي فروغ ملندو پر سياحت کي به فروغ ملندو.