اسلام آباد – 04 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پي ٽي وي ٻن اڍائي سالن ۾ زوال پذير ناهي ٿي، هڪ عرصي کان صورتحال خراب هئي، پي ٽي وي کي مالي مسئلا درپيش آهن، رڪارڊنگ جا اوزار پراڻا آهن، حڪومت پي ٽي وي جي بهتري لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، پي ٽي وي کي جديد اوزار ۽ مشينون فراهم ڪيون وينديون، اڳوڻن دورن ۾ سياسي ڀرتيون ڪيون ويون، ڊراما خريد ڪري هلايا ويا، جنهن جي ڪري اسٽوڊيوز ويران ۽ رائيٽرز بيڪار هئا. سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جوابن جي وقفي دوران سينيٽر بهره مند تنگي جي سوال جي جواب ۾ سينيٽر شبلي فراز چيو ته پي ٽي وي جا ڪجهه اسٽوڊيوز بند پيا آهن، جنهن جا ڪيترائي سبب آهن جيڪي اسٽوڊيوز فنڪشنل آهن ان ۾ هر قسم جا پروگرام رڪارڊ ڪيا وڃن ٿا، پي ٽي وي عرصي کان زوال پذير آهن، هڪدم سان اها خرابي جو شڪار ناهي ٿيو. وقت سان گڏوگڏ مختلف ادارن جي ڪارڪردگي هيٺ وئي آهي. ماضي ۾ پنهنجي پروگرامن بدران ڊراما ۽ پروگرام خريد ڪيا ويا جنهن جي ڪري اسٽوڊيوز ويران ۽ رائيٽرز بيڪار ٿي ويا، اسان پي ٽي وي جي بحالي جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، پي ٽي وي مختلف ٻولين ۾ پروگرام هلائي رهي آهي، 16 ارب رپيا پي ٽي وي جي لائبلٽي آهي، اهي مسئلا ڪجهه مهينن ۾ خراب پيدا ناهن ٿيا، مالياتي مسئلا درپيش آهن، حڪومت پي ٽي وي کي نئين اوزارن جي فراهمي جي لاءِ به طريقيڪار جوڙي رهي آهي ڇو ته پي ٽي وي وٽ رڪارڊنگ جا اوزار تمام گهڻا پراڻا آهن، فنانسنگ هڪ چئلينجنگ ايشو آهي، اسان پلان ٺاهيو آهي جنهن جي تحت پي ٽي وي کي جديد اوزار ۽ مشينون فراهم ڪيون وينديون. سينيٽر جهانزيب جمالديني ۽ ٻين سوالن جي جواب ۾ هن چيو ته اسان جي لاءِ سمورن پي ٽي وي اسٽينز برابر جو درجو رکن ٿيون، پي ٽي وي ۾ خرابي 30 مهينن ۾ پيدا ناهي ٿي، اڳوڻن دورن ۾ سياسي ڀرتيون ٿيون، اڳ جي ڀيٽ ۾ صورتحال ۾ هاڻي بهتري اچي رهي آهي.