اسلام آباد – 04 – فيبروري (اي پي پي) حڪومت ۽ مخالف ڌر سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ ميمبرن ڪشميرين جي منصفاڻي ۽ جائز خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي جدوجهد جي حمايت جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته ڪشميرين جي بي مثال آزادي جي جدوجهد ڪاميابي سان همڪنار ٿيندي، ڀارتي ظلم ۽ انساني حقن جون خلاف ورزيون دنيا آڏو بي نقاب ٿي چڪيون آهن. ريلوي واري پارلياماني سيڪريٽري فرخ حبيب ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي حوالي سان اي پي پي سان ڳالهائيندي چيو ته ڀارت 80 لک ڪشميرين کي قبضي هيٺ رکيو آهي. ڀارت جي انتهاپسند هندو اڳواڻ نريندر مودي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪراري حيثيت ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪا مذمت جوڳي اهي، عالمي دنيا کي اپيل ڪريون ٿا ته ڪشمير مسئلي جي حل بابت گڏيل قومن جي قراردادن تي عمل ڪرايو وڃي.

ڪشميرين کي انهن جي خودمختياري جو حق ڏنو وڃي ته جيئن اهي پنهنجي مستقبل جو فيصلو پاڻ ڪري سگهن هن چيو ته ڪشمير پاڪستان جو اڻٽٽ حصو آهي. وزيراعظم عمران خان پوري دنيا آڏو مودي جو فاشسٽ چهرو، آر ايس ايس ۽ هندوتوا جي نظريي کي بي نقاب ڪيو آهي.

فرخ حبيب چيو ته ڪشميرين جي پرامن جدوجهد جي حمايت هر فورم تي جاري رکنداسين. 5 فيبروري تي ڪشميري ڀائرن سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪنداسين.

پاڪستان تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبر احمد حسين چيو ته اسان ڪشميري ڀينرن ڀائرن سان گڏ بيٺل آهيون. وزيراعظم عمران خان ڪشمير جو معاملو گڏيل قومن ۾ موثر انداز سان اٿاريو آهي. ڪشميري ڀائرن جون قربانيون فخر جوڳيون آهن.

بلوچستان عوامي پارٽي جي سينيٽر انوارالحق ڪاڪڙ يڪجهتي جي ڏهاڙي جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته ڪشمير مسئلو پوري مسلمان امت جو مسئلو آهي. اهو مسئلو گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ڪيو وڃي. پوري قوم 5 فيبروري تي ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪري رهي آهي، جنهن جو مقصد عالمي سطح تي ڪشمير مسئلي کي اجاگر ڪرڻ ۽ ڀارتي ظلمن کي بي نقاب ڪرڻ آهي. مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر راڻا مقبول چيو ته ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ سفارتي ذريعا استعمال ڪرڻ سان گڏوگڏ غيرمعمولي قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته ڇا دنيا فلسطينين ۽ ڪشميرين سان انصاف ڪري رهي آهي؟ پاڪستان پيپلزپارٽي سان تعلق رکندڙ سينيٽر سسئي پليجو چيو ته ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم، ڏاڍ، شاطر چالن ۽ جارحاڻي سوچ جي مذمت ڪريون ٿا، اکنڊ ڀارت جو خواب نيست نابو ٿيندو. هن چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير کي محصور ڪري رکيو آهي جنهن بابت پوري دنيا کي خبر آهي.

پاڪستان پيپلزپارٽي سميت پوري قوم جو موقف ڪشمير مسئلي بابت هڪجهڙو آهي. ڪشمير ۾ ڀارت جي شڪست واضح آهي. اسان کي ڀارت کي بي نقاب ڪرڻ جي لاءِ لابنگ تيز ڪرڻ گهرجي. اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن ڪشميري آزاد ٿيندا. هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته ڪشمير تڪرار جي معاملي تي ملڪ جون سموريون سياسي پارٽيون سياسي اختلاف ختم ڪري هڪ جهڙو موقف رکن ٿيون. وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن سميت عالمي فورم تي ڪشمير مسئلو موثر انداز ۾ اجاگر ڪيو آهي. حڪومت جي ڀرپور ڪوششن جي ڪري عالمي ميڊيا جو ڌيان ان مسئلي طرف ٿي چڪو آهي. پوري دنيا ڀارتي ڏاڍ ۽ ظلم جي خلاف آواز اٿاري رهي آهي. ڀارت والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۾ ملوث آهي. انٽرنيٽ ۽ اظهار راءِ جي آزادي تي بندش سان عورتن جي عصمت دري ڪئي پئي وڃي. پوري دنيا ۾ هن وقت ڀارتي ظلم بي نقاب ٿي رهيا آهن. عالمي برادري کي ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ موثر ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي.