Prime Minister Imran Khan addressing during a reception hosted in honor of Heads of Delegations of OIC Contact Group on Jammu & Kashmir on the sidelines of 74th UNGA Session in New York on September 24, 2019.

نيويارڪ – 25 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مودي انتظاميه والاريل ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي ڪري رهي آهي، مسلسل ڪرفيو سان ڪشمير جي مسلمانن جي نسل ڪشي جو خدشو آهي، سمورن مسلمان ملڪن کي ڪشميرين سان يڪجهتي ڏيکارڻي پوندي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي موقعي تي ڄمون ۽ ڪشمير بابت او آءِ سي رابطا گروپ جي سربراهن جي وفد جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان او آءِ سي جي ميمبر ملڪن تي زور ڏنو ته هو والاريل ڪشمير ۾ انساني الميي کان بچڻ لاءِ اتي جي صورتحال تي سنجيدگي سان مظاهرو ڪري ڇو ته والاريل ڪشمير ۾ گذريل 50 ڏينهن کان مسلسل جاري ڪرفيو جي ڪري ڪشمير جي مسلمانن جي نسل ڪشي جو خدشو آهي، تقريب ۾ سعودي عرب، ترڪي، نائيجريا ۽ آذربائيجان جي پرڏيهي وزيرن شرڪت ڪئي.