
اسلام آباد – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته شفافيت ۽ گڊ گورننس يقيني بڻائڻ جي لاءِ گئس انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ سيس (جي آءِ ڊي سي) جو معاملو سپريم ڪورٽ جي حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، حڪومت پنهنجي هر فيصلي ۾ قانون، عوامي مفاد ۽ شفافيت کي نظر ۾ رکندي، نان ٽيڪس روينيو ۾ 800 ارب رپين جو اضافو متوقع آهي، حڪومتي قدمن سان ٽيڪس اوڳاڙين ۾ اضافو ٿيو آهي، پيٽروليم مصنوعات جي عالمي اگهن ۾ گهٽتائي جو فائدو عوام کي پهچايو ويو آهي، روانگي واپار ۾ اضافو ۽ آمدني واپار ۾ گهٽتائي جا مثبت نتيجا سامهون آيا آهن، حڪومتي قدمن ۽ پاليسين جي ڪري پهريون ڀيرو واپاري خساري ۾ گهٽتائي ٿي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير حماد اظهر، منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير خسرو بختيار، توانائي وارو وزير عمر ايوب، وزيراعظم جو واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وزيراعظم جو پيٽروليم بابت خصوصي معاون نديم بابر، ناڻي وارو سيڪريٽري نويد ڪامران بلوچ، ايف بي آر چيئرمين سيد شبر زيدي ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ ساڻس گڏ هئا.